Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

اصولِ حديث، فقه ، اصولِ فقه، تاريخ ، سيرت، فضائل، مناقب، اخلاق، نصائح، صرف، نحو، منطق، فلسفه، ڪلام، هيئت، توقيت (يعني نماز، روزو ۽ سحر و افطار وغيره جي لاءِ وقت بيان ڪرڻ جي علم)، تڪسير ۽ مناظري وغيره علوم تي مشتمل ڪتاب لکيا۔  (حیاتِ ملک العلماء، ص ۱۷ماخوذا)

 پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه محبتِ رسول ۾ سرشار رهندا هئا، گھڻين ديني مصروفيتن جي باوجود پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو گھڻو وقت وظائف و اوراد ۽ يادِ الٰهي جي لاءِ مخصوص هو۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پنهنجي هن هونهار شاگرد جي لاءِ بارگاھ الٰهي ۾ شعريه انداز ۾ هن طرح دعا گھرن ٿا:

میرے ظفر کو اپنی ظفر دے                           اس سے شکستیں کھاتے یہ ہیں

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

وصالِ پُرملال

ملڪ العلماء مولانا ظفرُ الدين بهاري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه وڏي عرصي کان بلڊ پريشر جي مرض ۾ مبتلا هئا ۽ نهايت ڪمزور ٿي ويا هئا۔ پر سندن عبادت و رياضت ۾ ڪڏهن ڪا ڪمي نه آئي، نه سندن جي روزانه جي معمولات ۾ ڪو فرق آيو۔ زندگي جي آخري ڏينهن تائين علمي ۽ ديني فرائض حسبِ معمول انجام ڏيندا رهيا۔ سومر جي رات 19 جمادي الاُخريٰ 1382 هجري بمطابق 18 نومبر 1962 عيسوي تي بلند آواز سان ذڪرِ،  الله الله ڪندي هن طرح وصال فرمايائون جو ڪجھ دير تائين گھروارن کي هن ڳالھ جو احساس به نه ٿيو ته سندن وصال ٿي ويو آهي، ٻئي ڏينهن حضرت شاھ محمد ايوب شاهدي رشيدي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سجاده نشين خانقاه اسلام پور ضلع پٽنه، جن سان پاڻ کي فردوسي، شطّاري، سهروردي ۽ ڪجھ ٻين سلسلن ۾ خلافت ۽ اجازت حاصل هئي،   اهي اتفاق سان تشريف وٺي آيا ۽ انهن ئي ملڪ العلماءرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي نمازِ جنازه پڙھائي۔ (حیات ملک العلماء، ص ۱۶ملخصا) الله پاڪ سندن درجا بلند فرمائي ۽ انهن جي