Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

قرآنِ پاڪ کي جمع ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ وارا حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔ vجنت جا اٺ دروازا آهن ۽ جن کي هر هڪ دروازي سان سڏيو ويندو اهي حضرتِ صدّيقِ اڪبر آهن۔

امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه ”وسائلِ بخشش“ ۾ ڪيتري عشق ڀري انداز ۾ شانِ صديقي بيان ڪري رهيا آهن:

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! هاڻي حضرت سيدنا ابوبڪر صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي هڪ ڪرامت به ٻڌون ٿا:

کاڌي ۾ بَرَڪت

امير المومنين،حضرت ابوبڪرصديقرَضِىَ اللهُ عَنْه جو وڏو فرزند حضرت سَيدُنا عبدُالرَّحمٰن رَضِىَ اللهُ عَنْه بَيان فرمائي ٿو ته هڪ ڀيري حضرت سَيدُنا ابوبَڪر صِدِّيق رَضِىَ اللهُ عَنْه بارگاھ رِسالت جي ٽن (3) مهمانن کي پنهنجي گھر وٺي آيا ۽ پاڻ رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمتِ اَقدس ۾ حاضِر ٿيا۔ ڪافي دير تائين گفتگو ۾ مصروف رهيا ايستائين جو رات جو کاڌو پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه حضور پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن سان گڏجي تناول فرمايو ۽ ڪافي رات گذرڻ کانپوءِ پنهنجي گھر آيا۔ سندن گھرواريءَ عَرض ڪيو: پنهنجي گھر مهمانن کي گهرائي اوهان ڪيڏانهن هليا ويا هئا؟ حضرت سَيدُنا ابوبَڪر صِدِّيق رَضِىَ اللهُ عَنْه جن فرمايو: ڇا اڃان تائين تو مهمانن کي کاڌو ناهي کارايو؟ عَرض ڪيائين: مون کاڌو پيش ڪيو پر اُنهن گهر ڀاتين جي غير موجودگي ۾ کاڌو کائڻ کان اِنڪار ڪري ڇڏيو۔ اهو ٻڌي پاڻرَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي صاحِبزادي حضرت سَيدُنا عبدُالرّحمٰن رَضِىَ اللهُ عَنْه سان ناراضي جو اِظهار فرمايو، پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه مهمانن سان گڏ کاڌو کائڻ لاءِ ويهي رهيا ۽ سڀني مهمانن خوب پيٽ ڀري کاڌو کاڌائون۔ مهمانن جو بَيان آهي ته جڏهن اسان کاڌي جي ٿانوءَ مان گرھ کڻندا هئاسين ته جيترو کاڌو هٿ ۾ ايندو هو، ان کان وڌيڪ کاڌو ٿانوَ ۾ هيٺان کان وڌي ويندو هو ۽ جڏهن