Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

اسان کاڌي مان فارِغ ٿياسين ته کاڌو گھٽ ٿيڻ بدران ٿانوَ ۾ پهرين کان وڌي ويو۔ حضرت سَيدُنا صِدِّيق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه حيران ٿيندي پنهنجي گھرواريءَ کي فرمايو: اِهو ڇا ماجرو آهي جو ٿانوَ ۾ کاڌو پهرين کان ڪجھ وڌيڪ نظر اچي ٿو؟ اُنهن قسم کڻي عَرض ڪيو: واقعي اهو کاڌو پهريان کان ٽي (3) ڀيرا وڌي ويو آهي۔ پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه ان کاڌي کي کڻي بارگاھ رسالت ۾ آيا۔ جڏهن صُبح ٿيو ته اوچتو مهمانن جو هڪ قافِلو دربارِ رسالت ۾ حاضِر ٿيو جنهن ۾ ٻارهن (12) قبيلن جا ٻارهن (12) سردار هئا ۽ هر سَردار سان گڏ ٻيا کوڙ سُوار به هئا۔ اُنهن سڀني ماڻهن اهو کاڌو کاڌو ۽ قافِلي جي سڀني سَردارن ۽ تمام مهمانن جي جماعت ان کاڌي کي پيٽ ڀري  کاڌو  پر پوءِ به انهن ٿانون ۾ کاڌو ختم نه ٿيو۔( بخاری،کتاب المنا قب،باب علامات النبوۃ فی الاسلام،۲/۴۹۵، حدیث:۳۵۸۱ مختصرا، حجۃ اللہ علی العالمین، الخا تمۃ فی اثبات کرامات الاولیاء الخ ،المطلب الثالث فی ذکر جملۃ جمیلۃ. ..الخ ،۶۱۱)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي اها ڪهڙي نه زبردست ۽ ايمان افروز ڪرامت هئي، مهمانن سان گڏ کاڌو کائڻ ويٺا ته کاڌي ۾ ايتري قدر برڪت بلڪ ظاهري طور ايترو کاڌو وڌي ويو جو مهمانن به ان جو مشاهدو ڪيو ۽ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي زوجه محترمه مهمانن جي پيٽ ڀري کائڻ جي باوجود پهريان کان ٽي ڀيرا وڌيڪ هئڻ جو قسم کنيو، ايستائين جو ٻارهن سردارن ۽ انهن سان گڏ ڪيئي سوارن تي مشتمل وفد جيڪو حضور نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيو ان وفد جي تمام ماڻهن به پيٽ ڀري ماني کاڌي پر ٿانوء ۾ ماني باقي بچيل رهي۔ اي عاشقانِ صحابه و اهلبيت! ياد رهي ته جتي اها حضرت صدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ڪرامت آهي اتي اها سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو معجزو پڻ آهي۔ ڇوته امتي کان ظاهر ٿيندڙ ڪرامت حقيقت ۾ ان جي نبي جو معجزو هوندو آهي۔

ملڪ العلماء جو تعارف