Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

بدبختو! هلاڪ ٿي وڃو

            حضرت اسماء رَضِىَ اللهُ عَنْها جيڪا حضرت صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي وڏي نياڻي آهي اُنهن کان ڪنهن پڇيو ته الله پاڪ جي پياري رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مشرڪن سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڪڏهن ڏني هئي؟ ته حضرت اسماء فرمايو: هڪ ڀيري مشرڪ مسجدِ حرام ۾ ويهي سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ دينِ اسلام جي باري ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته ايتري ۾ مصطفيٰ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به اتي تشريف فرما ٿيا، مشرڪن جڏهن پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏٺو ته سڀني پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَکي گھيري ورتو ۽ طرح طرح جا سوال ڪرڻ لڳا، اهي جيڪو پڇندا هئا، آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سچ بيان فرمائيندا هئا، اهي چوڻ لڳا: توهان اسان جي خدائن جي باري ۾ فلاڻي فلاڻي ڳالھ ڪئي هئي؟ پاڻ فرمايائون: ها! ڪئي هئي۔ اهو ٻڌي اهي سڀئي پاڻ سڳورن تي مڇرجي پيا ۽ سندن کي تڪليفون ڏيڻ شروع ڪيون۔

          هڪ شخص ڀڄندو اچي حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه وٽ پهتو ۽ ٻڌايو ته توهان جي دوست کي مشرڪ تڪليفون پهچائي رهيا آهن انهن جي مدد جي لاءِ وڃو، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه ڊوڙندا مسجد پهتا، ڏٺائون ته مشرڪ نبي ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پڪڙيو ويٺا آهن۔ پاڻ ايندي ئي فرمايائون: اڙي بدبختو! مري وڃو توهان ماڻهو! هنن جو اهو ئي قصور آهي جو هي چون ٿا ته منهنجو رب صرف الله آهي۔ ان ڪري توهان هن کي قتل ڪرڻ چاهيو ٿا، بس ايترو چوڻ هو جو انهن بدبختن سرڪارصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڇڏي حضرت سيدنا ابوبڪرصديق رَضِىَ اللهُ عَنْه کي پڪڙي مارڻ شروع ڪيو۔ حضرت اسماء رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: جڏهن حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهواپس موٽيا ته سندن زخمن جو حال اهو هو جو سندن مبارڪ مٿي تي ڪٿي به هٿ لڳايو ويندو هو ته سندن زلفن جا وار لهي هٿ ۾ اچي ويندا هئا پر ان جي باوجود پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي زبان تي لفظ اهي هئا ته: اي ربِ ذُوالجَلَالِ وَالْاِڪرَام! تون وڏي برڪتن وارو آهين۔

(نوادر الاصول ، الاصل الثاني عشروالمائتان، ، ۲/۷۷۸ الحديث:۱۰۷۵)