Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

مالامال قِيمتي مدني گل اُمّتِ مسلمه تائين پهچايا ويندا آهن۔ * هفتيوار سُنَّتن ڀري اِجتِماع ۾ بي نمازين کي نمازي بنائڻ لاءِ گھڻا مددگار آهن۔* هفتيوار سُنَّتن ڀري اِجتِماع جي برڪت سان دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول جي تشهير ۽ نيڪ نامي ٿيندي آهي۔* هفتيوار سُنَّتن ڀري اِجتِماع ۾ گھريون ويندڙ دُعائون قبول ٿينديون آهن ۔* هفتيوار سُنَّتن ڀري اِجتماع ۾ انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام، صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ۽ اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهمْ اَجْمَعِين جي سيرتِ مبارڪه تي به هلڻ جي توفيق ملندي آهي۔

اچو! تَرغِيب طور هفتيوار اِجتِماع ۾ حاضِري جي هڪ مَدَني بَهار ٻڌو ۽ اِجتِماع ۾ پابندي سان حاضِر ٿيڻ جي نِيت ڪريو۔ جيئن

غفلت مان بيدار ٿي پيس

کڙي شريف (ڪشمير) جو هڪ اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابستگي کان پهريان بي عَمَلي جي زندگي گذاري رهيو هو۔ نماز روزن جي مُعامَلي ۾ سُستي ڪرڻ ۽ بَداَخلاقي سان پيش اچڻ ان جو معمول بڻجي چُڪو هو۔ نه حُقُوقُ الله جو احترام هو نه ئي حُقوق العِباد يعني ٻانهن جي حقن جو لحاظ۔ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته اسلامي ڀاءُ ان کي هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتماع جي دعوت پيش ڪندو هو پر اهو ٽاري ڇڏيندو هو ۽ ائين شرڪت کان محروم رهندو هو، انهيءَ غفلت جي عالَم ۾ ڪم و بيش 10 سال گذري ويا۔ هڪ دفعي سندن جي هڪ دوست (Friend) ان کي ٻڌايو ته هو دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتماع ۾ کڙي شريف ويو هو، جتي ان کي گھڻو سُرور مِليو۔ اُن هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتماع جي اهڙي منظر ڪشي ڪئي جو اُن جي دل ۾ به شرڪت جي خواهش پيدا ٿي، ۽ اڳيئن ئي هفتي اهو ان سان گڏ هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتماع ۾ ويو۔ اِجتماع ۾