Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

داخل آهي، عبادت شرڪِ خفي يعني رياڪاري کان به پاڪ هجي ۽ خالص طور تي الله پاڪ جي رضا ۽ خوشنودي جي لاءِ هجي۔ (تفسير صراط الجنان،۳/۲۵۸)

ڪنهن ڇا ته خوب چيو آهي:

”میری زندگی کا مقصد تیرے دِیں کی سرفرازی      میں اسی لیے مسلماں میں اسی لیے نمازی“

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً جڏهن جيئڻ مرڻ، اٿڻ ويهڻ، هلڻ ڦرڻ، سمهڻ جاڳڻ، مطلب ته! زندگي جا سمورا ڪم الله پاڪ جي رضا ۽ خوشنودي جي لاءِ ٿي وڃن ته ٻانهو الله جو محبوب بڻجي ويندو آهي۔ جيڪڏهن اسان تاريخِ اسلام تي نگاھ وجھون ته اهڙيون ڪيئي شخصيتون نظر اچن ٿيون جن جو هر هر ڪم رضاءِ الٰهي جي لاءِ هوندو هو۔ خاص طور تي صحابَه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان ته اها مقدس جماعت آهي جن جي تربيت خود الله جي آخري رسول رسولِ مقبولصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائي۔ رضاءِ الٰهي جي مطابق زندگي ڪيئن گذاري وڃي انهن کان وڌيڪ ڪنهن کي خبر هوندي۔ بلڪ رضاءِ الٰهي جي مطابق زندگي ڪيئن گذاري ويندي آهي، انهن ئي امت کي سيکاريو آهي۔ صحابَه ڪرام جي هن مقدس جماعت ۾ به خاص طور پهريان خليفه راشد، عاشقِ اڪبر، اَمير المؤمنين حَضرتِ سيدنا ابوبڪر صدّيق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي سيرت ۽ حياتِ مقدسه اسان جي لاءِ روشن مثال آهي۔ اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ سندن سڄي زندگي رضاءِ الٰهي ۾ گذاري۔

    الله پاڪ جو اهو فرمان ته ”منهنجي نماز ۽ منهنجون قربانيون ۽ منهنجو جيئڻ ۽ منهنجو مرڻ سڀ الله جي لاءِ آهي“ هن شعر مان سندن زندگي بخوبي واضح ٿئي ٿي ته

شمع کو چراغ، بُلْبُل کو پھول بس

صدّیق کیلئے ہے خُدا اور رسول بس

          اچو! اڄ جي بيان ۾ حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي زندگي جا اهڙا ئي