Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

ٿا۔فرمايائون: اهو حضرت جبرائيل هئا جيڪي توهان کي توهان جو دين سيکارڻ آيا هئا۔ (مسلم،ڪتاب الايمان،باب بيان الايمان۔۔۔الخ،ص۳۳،حديث:۹۳)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

فيضانِ حديث

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل حديثِ پاڪ ۾ سکڻ جي لاءِ گھڻو ڪجھ آهي۔ اچو! هن حديثِ پاڪ مان حاصل ٿيندڙ ڪجھ نڪتا ٻڌون ٿيون:

پهرين ڳالھ جيڪا سکڻ جي لاءِ ملي اها هي آهي ته اسان کي خبر آهي ته حضرت جبريل امين عَلَيۡهِ السَّلَام نوري مخلوق يعني ملائڪ آهن، بلڪه تمام نوري ملائڪن جا سردار آهن، سيدالملائڪه آهن، ۽ مسلم شريف جي حديثِ پاڪ آهي ته رسولِ ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: الله پاڪ ملائڪن کي نور مان پيدا فرمايو آهي۔ (مسلم،ڪتاب الزهد والرقائق ،باب في احاديث متفرقة، ص۱۲۲۱ ، حديث:۷۴۹۵) معلوم ٿيو ته حضرت جبريل امين عَلَيۡهِ السَّلَام به نور مان پيدا ڪيا ويا آهن، نور هئڻ جي باوجود حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام بشر (انسان) بڻجي اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيا، هن طرح جو صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان به ان کي نه سڃاڻي سگھيا، هن مان معلوم ٿيو ته جڏهن حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام نوري مخلوق هئڻ جي باوجود بشر بڻجي هن دنيا ۾ آيا آهن ته اسان جا پيارا آقا، ٻنهي جهانن جا داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به  نور هئڻ جي باوجود بشر بڻجي هن دنيا ۾ تشريف فرما ٿيا آهن۔

حضرتِ سيدُنا جابِر بن عبدالله انصاري رَضِىَ اللهُ عَنْهمَا فرمائن ٿا، مون عرض ڪيو: ”يارسولَ الله (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ)! منهنجا ماءُ پيءُ حُضور (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) تي قربان! مون کي ٻڌايو ته سڀ کان پهريان الله پاڪ ڪهڙي شيء ٺاهي؟“ فرمايائون: ”اي جابِر! بيشڪ بِاليقين، الله پاڪ تمام مخلوقات کان پهريان تنهنجي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نور پنهنجي نور مان پيدا فرمايو۔“ (فتاوي رضويه، ۳۰/۶۵۸ ، الجزءُ المفقُود مِن الجزء الاوّل مِنَ المُصَنَّف لِعبدالرّزّاق، ص ۶۳، حديث:۱۸)

ان ڪري اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت، مجددِ دين و ملت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه   ڇا ته خوب فرمائن ٿا: