Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! والِدَين جو پنهنجي اَولاد تي ڪهڙو حق آهي؟فرمايائون: هُمَا جَنَّتُكَ وَنَارُكَ يعني اهي ئي تنهنجي جنّت ۽ تنهنجو دوزخ آهن۔  (ابن ماجه، ڪتا ب الادب ، باب بر الوالدين ،۴/ ۱۸۶،رقم:۳۶۶۲)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جيڪڏهن اسان به پنهنجي ماءُ پيءُ کي راضي رکڻ چاهيون ٿيون ۽ يقيناً سڀئي چاهينديون هونديون ته اچو! اسان اهڙي سٺي صحبت اِختيار ڪريون جتي ماءُ پيءُ جو ادب ۽ اِحترام سيکاريو ويندو هجي، جتي ماءُ پيءُ جي تعظيم ۽ توقير ڪرڻ سيکاري  ويندي هجي، جتي ماءُ پيءُ جي اڳيان اُف ڪرڻ کان به بچڻ جي ترغيب ڏني ويندي هجي۔ هن پُرفتن دور ۾ مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول الله پاڪ جي تمام وڏي نعمت آهي.  اميرِ اهلسنّت، بانيءِ دعوتِ اسلامي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي اصلاحِ امت جي جذبي سان سرشار نيڪي جي دعوت سان اهڙن لکين نوجوانن جي زندگين ۾ مدني اِنقلاب پيدا ٿيو آهي جيڪي پنهنجي والدين جي لاءِ تڪليف جو سبب بڻيل هئا، اهي خوش نصيب اڄ ماءُ پيءُ جي لاءِ راحت جو سامان بڻجي ويا آهن، هڪ تعداد اهڙو هوندو جن جي شرارتن يا بُري حرڪتن جي ڪري ماءُ پيءُ جون ننڊون اڏامي ويون هونديون پر دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول جي برڪت سان هاڻي چين جي ننڊ نصيب ٿي هوندي۔

      اچو! اسان نيڪ بڻجڻ جو عظيم نسخو يعني مدني انعامات جو رسالو حاصل ڪريون۔ هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۾ نه صرف پاڻ شرڪت جي سعادت حاصل ڪريون بلڪ ٻين اسلامي ڀينرن کي به شرڪت ڪرايون، پوءِ خبر پوندي ته ماءُ پيءُ کي ڪهڙي طرح خوش ڪري ان جي دِل جون دُعائون وٺي سگھجن ٿيون۔ "گهر درس" جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي پيش ڪريو، هر وقت پنهنجو پاڻ کي نيڪي جي ڪمن جي لاءِ تيار رکون۔ ۽ عاشِقانِ رَسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهي 8 مَدَني ڪمن ۾ حِصّو وٺو ۽ پنهنجي قَبر و آخرت کي سَنوَاريو ۔

 (3)نمازون قضا ڪرڻ!

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان قيامت جي نشانين جي باري ۾ ٻڌي رهيون هيون سين۔ معراج تي وڃڻ واري آقا، غيب ٻڌائڻ واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ