Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

جي نافرماني ۽ حق تلفي ڪندا، ماءُ کي تڪليف پهچائيندا ۽ حال اهو ٿي ويندو جو اولاد پنهنجي ماءُ سان آٓقا جيان ورتاءُ ڪندو۔ (مقالاتِ شارحِ بخاري، باب اول ۱ /۱۵۶ملخصاً) جيئن ته حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن فرمانِ عالي جو مطلب بيان ڪندي لکن ٿا: (ٻانهي مالڪ ڄڻيندي) يعني اولاد نافرمان ٿيندي، پٽ ماءُ سان اهڙو سلوڪ ڪندو جيئن ڪو ٻانهيءَ سان (سلوڪ ڪندو آهي) ته (هاڻي مطلب اهو ئي ٿيو ته) ڄڻ ماءُ پنهنجي مالڪ کي ڄڻيندي۔ (مرآة المناجيح،ڪتاب الايمان ،الفصل االاول،۱/۲۶)

معاشري جي حالتِ زار

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اڄ جيڪڏهن اسان پنهنجي آسپاس نگاھ ڪيون ته اها حقيقت سامهون ايندي ته اسان جي معاشري ۾ هڪ تعداد آهي جيڪو والدين خاص ڪري ماءُ سان تمام بُرو سلوڪ ڪري ٿو۔ اڄ هڪ تعداد آهي  ماءُ تي شينهن جيان گجگوڙ ڪندو نظر اچي ٿو، ماءُ جي اڳيان رڙيون ڪندو نظر اچي ٿو ، ڪجھ ته مَعَاذَ اللّٰه ماءُ کي گاريون پڻ ڏينديون آهن، ۽ ڪجھ بدقسمت ته مارينديون به آهن، جيئن ته اڄڪلھ اخبارن وغيره ۾ خبرون ڏسڻ ۾ اينديون آهن۔

ماءُ قدرت جو انمول تحفو

      جڏهن ته ”ماءُ“ ته قدرت جو انمول تحفو (Gift) آهي۔ ”ماءُ“ جو مرتبو قرآن ۽ حديث ۾ بَيان ٿيل آهي، ”ماءُ“ جو فرمانبردار الله پاڪ ۽ ان جي پياري رسول، رَسُولِ مَقبُول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رِضا ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي، جيڪڏهن سڄي زندگي به ماءُ جي خدمت ڪئي وڃي تڏهن به ماءُ جي احسانن جو بدلو لاهي نٿو سگھجي۔ ڇوته ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا پنهنجي  خونِ جگر سان اَولاد کي نپائيندي آهي، ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا پنهنجي اولاد جي آرام جي خاطر پنهنجو چين سُڪون قربان ڪندي آهي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا پاڻ ته گرمي برداشت ڪندي آهي پر اولاد کي ان تڪليف سان بچائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا اولاد جي خاطر سياري جون ٿڌيون ۽ وڏيون راتيون جاڳي گذاريندي آهي، ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا پنهنجون خواهشون قربان ڪري اولاد جي خواهشن کي پورو ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندي آهي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا پنهنجي وات جو گرھ به اولاد جي وات ۾ وجھي خوش ٿيندي آهي