Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

۽ پاڻ بکايل ئي سمهي پوندي آهي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا اولاد کي گرم ۽ نرم بستر تي سمهاري پاڻ ٿڌي فرش تي ليٽي پوندي آهي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا مڙس جي وفات کان پوءِ به اولاد کي دربدر ڀٽڪڻ ناهي ڏيندي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا قرض جي چَڪيءَ ۾ پسجي به اولاد جي فرمائشن کي پورو ڪندي آهي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا اولاد جي ٿورڙي تڪليف تي به تڙپڻ لڳندي آهي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا ٿانوء ڌوئي ماڻهن جي گهرن جي صفائي ڪري پنهنجي اولاد جو پيٽ پاليندي نظر ايندي آهي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا گھر گھر جو چڪر لڳائي پنهنجي اولاد جو سُک تلاش ڪندي نظر ايندي آهي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا معذور ۽ لاچار اولاد تائين کي به بي سهارو ناهي ڇڏيندي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جيڪا نافرمان ۽ بدڪار اولاد کي به پنهنجي شفقت ڀري سائي ۽ ممتا جي ٿڌاڻ سان محروم ناهي ڪندي۔ ٭ امڙ ئي اها هستي آهي جنهن جي قدمن هيٺ جنت آهي۔ مطلب ته! ماءُ هڪ اهڙي هستي آهي جيڪا هجي ته اڱڻ ۾ بهار اچي ويندي آهي ۽ جيڪا نه هجي ته تمام تر رونق جي باوجود گھر ويران لڳندو آهي۔ تنهنڪري ماءُ جي خدمت ڪريو، ماءُ کي راضي ڪريو، ماءُ کي ڪڏهن تڪليف نه پهچايو، ماءُ سان ڪڏهن جھيڙو نه ڪريو، ماءُ سان ڪڏهن به وڏي آواز سان نه ڳالهايو۔ ماءُ جي قدر ڪريو۔ ۽ جيڪڏهن ماءُ يا پيءُ يا انهن مان هڪ به ناراض آهي ته يڪدم انهن کي راضي ڪريو۔ ياد رکو! ماءُ جهڙي به هجي ماءُ ماءُ هوندي آهي۔ ماءُ جي حقن کان آجو ٿيڻ ممڪن ئي نه آهي۔

ماءُ کي ڪلهن تي کڻي گرم پٿرن تي ڇھ ميل.......

هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيو: هڪ راهه ۾ اهڙا گرم پٿر هئا جيڪڏهن گوشت جو ٽڪرو ان تي رکيو وڃي ها ته اهو ڪَبَاب ٿي وڃي ها! مون پنهنجي ماءُ کي ڪلهي تي ڇهه ميل (تقريباً9.656ڪلوميٽر) تائين کڻي ويو آهيان، ڇا مان ماءُ جي حقن مان آجو ٿي ويو آهيان؟ سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: تنهنجي پيدا ٿيڻ مهل سُور جا جيترا جهٽڪا ان برداشت ڪيا شايد هي ان مان هڪ جهٽڪي جو بدلو ٿي سگھي۔ (معجم صغير،۱/۹۲،حديث:۲۵۷)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي والدين خاص ڪري پنهنجي ماءُ جي خدمت ڪريون، هڪ شخص عَرض ڪيو، يارَسُوْلَ