Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

جي اسان عبادت ڪري رهيون آهيون اسان هن کي ڏسي رهيون آهيون ۽ جيڪڏهن اهڙو تصور نه بڻجي ته اهو تصور ته بنائڻ ئي گھرجي ته جنهن جي بارگاھ ۾ اسان حاضر آهيون هو پاڪ پَروَردگار اسان کي ڏسي رهيو آهي۔ اها ئي ڳالھ مسلمان کي ظاهري آداب ۽ شرعي مسئلا سکڻ تي اڀارڻ جي لاءِ ڪافي آهي ته ٻانهو اهڙي طرح عبادت ڪري جو جهڙي طرح عبادت ڪرڻ جو حڪم آهي، پڻ هي ڳالھ خشوع ۽ خضوع جو حقيقي رنگ آهي ته مان جنهن جي عبادت ڪري رهي آهيان، انهيءَ جي لاءِ ڪري رهي آهيان ۽ اهو مونکي ڏسي رهيو آهي ۽ هن طرح سان ڪئي ويندڙ عبادت ٻانهي جي ظاهر کي به سنواري ڇڏيندي آهي ۽ باطن کي به جڳمڳائي ڇڏيندي آهي۔ اي ڪاش! اسان کي به پنهنجي عبادتن ۾ شرعي آداب ۽ خشوع ۽ خضوع نصيب ٿي وڃي۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

قيامت ڪڏهن ايندي؟

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هڪ ٻي اهم ڳالھ جيڪا هن حديثِ پاڪ مان اسان کي معلوم ٿي اها هي آهي ته حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام کي معلوم هو ته رسولِ رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي عطا سان غيب ڄاڻن ٿا ۽ اها ڳالھ به خبر آهي ته قيامت ڪڏهن ايندي۔ اهو ئي سبب آهي جو انهن سوال ڪيو ته مون کي ٻڌايو ته قيامت ڪڏهن ايندي۔ حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هتي حضرت جبرائيل امين (عَلَيۡهِ السَّلَام) حضور (عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام) جي امتحان يا عجز ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ته سوال نه ڪري رهيا هيا، بلڪ اهو ڏيکارڻ چاهين پيا ته حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي قيامت جو علم ته آهي پر ان جو اظهار نه فرمايائون۔ خيال رهي ته حضور (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ) ٻين موقعن تي قيامت جو ڏينهن به ٻڌايو، مهينو به تاريخ به ۽ فرمايائون جمعه جو ٿيندي، محرم جي مهيني ڏهين تاريخ ۾ ٿيندي۔ (مرآة المناجيح،ڪتاب الايمان ،الفصل االاول،۱/۲۶)  جيئن ته حديث پاڪ ۾ آهي ته قيامت عاشوراء جي ڏينهن يعني محرم جي مهيني جي ڏهه تاريخ تي ٿيندي.  (فضائل الاوقات للبیہقی، باب تخصیص یوم عاشوراء بالذکر، ص۱۱۹، الحدیث: ۲۸۲)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد