Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

تقريباً 100 کان وڌيڪ نالا آهن، اچو! انهن مان ڪجھ جا نالا ٻڌون ٿيون:

یَوْمُ الْقَضَاء فيصلي جو ڏينهن. یَوْمُ الْوَزْن اعمالناما تورڻ جو ڏينهن. یَوْمٌ مَّشْہُوْدٌ  حاضري جو ڏينهن. یَوْمُ الْخِزْیڪجھ ماڻهن جي لاءِ ذلت جو ڏينهن. یَوْمُ الْمُحَاسَبَۃ  حساب جو ڏينهن. یَوْمَ الْحَسْرَۃِ پڇتائڻ جو ڏينهن.  یَوْمٌ عَقِیْمٌ  سخت ڏينهن. یَوْمُ الْحَشْر  جمع ٿيڻ جو ڏينهن. یَوْمُ الْفَزَع گهٻراهٽ جو ڏينهن. یَوْمُ الْبَعْث قبرن مان ٻيهر اٿڻ جو ڏينهن. یَوْمُ الْفَتْح  اعمالناما کلڻ جو ڏينهن. یَوْمُ الْمِیْعَاد واعدي جو ڏينهن. یَوْمُ الصَّیْحَۃ زلزلي جو ڏينهن(رڙ جو ڏينهن). یَوْمُ الزَّجْرَۃ ڇهڙٻڻ جو ڏينهن. یَوْمُ الْحِسَاب  حساب جو ڏينهن. یَوْمُ التَّلَاق  ملاقات جو ڏينهن. یَوْمُ التَّنَاد  پڪار جو ڏينهن. یَوْمُ الْجَمْع جمع ٿيڻ جو ڏينهن. یَوْمُ التَّغَابُنِ هارجڻ جو ڏينهن. یَوْمُ الْفَصْل فيصلي يا جدائي ۽ امتياز جو ڏينهن وغيره..

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! قيامت تي ايمان رکڻ نهايت ضروري آهي۔ ڇوته هي عقيدو مسلمان جي بنيادي عقائد ۽ ضرورياتِ دين مان آهي. ضرورياتِ دين اسلام جا اهي احڪام آهن، جن کي هر خاص ۽ عام ڄاڻندا هجن، جيئن الله پاڪ جي وحدانيت (يعني ان جي هڪ هجڻ) انبياءِ ڪرامعَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي نبوت، نماز، روزو، حج، جنت، دوزخ، قيامت ۾ اٿاريو وڃڻ، حساب ۽ ڪتاب وٺڻ وغيره. انهن تي ايمان آڻڻ بغير ڪو مسلمان نٿو ٿي سگھي۔ قيامت ڪڏهن ايندي؟ هن جو حقيقي علم ته الله پاڪ ۽ الله جي عطا سان ان جي حبيب، طبيبن جي طبيب عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام کي آهي، پر قُرآنِ ڪريم ۽ اَحاديثِ مُبارڪه ۾ قيامت قائم ٿيڻ جون ڪيئي نشانيون بيان فرمايون ويون آهن، انهن نشانين جو ظاهر ٿيڻ قيامت جي جلد اچڻ جي نشاندهي ڪري ٿو، اڄ جي بيان ۾ اسان قيامت جي نشانين جي باري ۾ ٻڌنديون سين۔ اي ڪاش! اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔

    اچو! سڀ کان پهريان هڪ حديثِ پاڪ ٻڌون ٿيون: