Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قيامت جي هڪ نشاني اها به بيان فرمائي آهي ته ماڻهو نمازون قضا ڪندا۔ (التذڪرة باحوال الموتي وامورالاخرة، باب اذا فعلت ھذه الامة…الخ، ص۵۹۷)

اڄ نمازون قضا ڪرڻ جا منظر اسان جي اکين جي اڳيان آهن، افسوس صدافسوس! اڄ اسان جي مُعاشري ۾ صرف سُستي ۽ ڪاهلي جي ڪري روز روز نمازون قضا ڪيون وينديون آهن هڪ تمام وڏو تعداد آهي جيڪو نمازون قضا ڪري ڇڏيندو آهي ۽ انهن کي ان جي ڪا پرواھ به ناهي ٿيندي۔ ڪجھ ته اهڙيون به آهن جو جڏهن انهن جي هڪ يا ڪجھ نمازون رهجي وينديون آهن ته هفتن جا هفتا بلڪ مهينن جا مهينن تائين ڄاڻي واڻي نماز ناهن پڙھنديون ۽ جيڪڏهن ڪا اسلامي ڀيڻ اُنهن تي انفرادي ڪوشش ڪندي نمازن جي ترغيب ڏياري ته چونديون آهن ”هاڻي اِنْ شَــآءَالـلّٰـه  ايندڙ جمعي کان ٻيهر نمازون پڙھڻ شُروع ڪندَس يا رمضان کان باقاعده نمازن جو اهتمام ڪندَس“ ائين ڄڻ ڪنهن قِسم جي شرم ۽ جِھجڪ بنا وڏي دليري سان مَعَاذَ الله هن ڳالھ جو اِقرار ڪيو ويندو آهي ته نمازون ڇڏڻ جو اهو ڪبيره گُناھ، مان جُمُعي جي ڏينهن تائين يا رمضانُ المبارڪ تائين مُسلسل جاري رکندَس۔ يقيناً اهو سڀ ڪجھ خوفِ خدا ۽ عِبادت جو شوق نه هئڻ جو وبال آهي نه ته جنهن جي دِل ۾ الله پاڪ جو خوف ۽ عِبادت جو ذَوق ۽ شوق هوندو آهي اها هر حال ۾ نمازن جي پابندي ڪندي آهي ۽ الله پاڪ جي نافرماني کان بچندي آهي۔ ياد رکو! ڄاڻي واڻي نماز قَضا ڪرڻ گناھ ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔ الله پاڪ سيپاري 16،سُورَه مَريم جي آيت نمبر59 ۾ اِرشاد فرمائي ٿو:

فَخَلَفَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ خَلْفٌ اَضَاعُوا الصَّلٰوةَ وَ اتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ فَسَوْفَ یَلْقَوْنَ غَیًّاۙ(۵۹) (پ۱۶،سورہ مريم:۵۹)

ترجمو ڪنز الايمان: پوءِ انهن جي پٺيان انهن جي جاءِ تي اهي نالائق آيا جن نمازون وڃايون ۽ پنهنجي خواهشن جي پٺيان لڳا عنقريب پوءِ اهي دوزخ غيّ جو جھنگ ڏسندا.

جھنم جي خوفناڪ واديءَ جو خوفناڪ کُوه

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل آيتِ مبارڪه ۾ ’’غَیّ‘‘ جو تذڪرو آهي ۽ ان مان مراد جهنم جي هڪ وادي آهي. صَدرُ الشَّرِيعَه، بَدرُ الطَّرِيقَه حضرتِ علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اَعظَمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ’’غَیّ‘‘ جهنم جي هڪ