Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

قيامت جي تياري ڪريو!

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اڄ اسان قيامت جي نشانين جي باري ۾ ٻڌو۔ يقيناً اسان جو ايمان آهي ته قيامت هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور اچڻي آهي۔ اڄ ضرورت هن ڳالھ جي آهي ته اسان پنهنجي اعمال ۽ احوال ۾ اهڙي تبديلي آڻيون جيڪا اسان کي قيامت جي هولناڪين کان بچائي سگھي۔

حَضرتِ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اِرشاد فرمائن ٿا: جيڪو دُنيا ۾ رهي قِيامَت جي باري ۾ گھڻو غور و فِڪر ڪندو، اهو انهن هولناڪين کان گھڻو مَحفوظ رهندو۔ بيشڪ الله ڪريم ٻانهي تي ٻه خوف جمع ناهي ڪندو، لهٰذا جيڪو دُنيا ۾ هنن هولناڪين جو خوف رکندو اهو آخرت ۾ انهن کان مَحفُوظ رهندو۔ (احياء العلوم،ڪتاب ذڪر الموت ۔۔۔الخ،۵/۲۸۶۔۲۸۷)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سینہ تری  سُنَّت کا مدینہ بنے آقا                              جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

 لباس جون سنتون ۽ آداب

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو بانيءِ دعوتِ اسلامي، شيخِ طريقت، اميرِاهلسنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ’’163 مدني گل‘‘ مان لباس جا ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿيون۔

فرمانِ مصطَفٰي صَلَّی اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: جنّ جي اکين ۽ ماڻهن جي اوگھڙ وچ ۾ پردو اهو آهي ته جڏهن ڪپڙا لاهي ته بِسْمِ الله چوي. (اَلْمُعْجَمُ الْاَ وْسَط ج۲ص۵۹حدیث