Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

وادي آهي جنهن جي گرمي ۽ اونهائي سڀ کان وڌيڪ آهي، ان ۾ هڪ کوھ جنهن جو نالو ’’هَب هَب‘‘ آهي، جڏهن جهنم جي باھ وسامجڻ تي ايندي آهي ته الله پاڪ ان کوھ کي کولي ڇڏيندو آهي جنهن سان اها (جهنم جي باھ) بدستور ڀڙڪڻ لڳندي آهي. الله عَزَّ وَجَلَّ ارشاد فرمايو: ) كُلَّمَا خَبَتْ زِدْنٰهُمْ سَعِیْرًا(۹۷)( ترجمو ڪنزالايمان: جڏهن به وسامڻ لڳو ته اسان ان کي اڃان وڌيڪ ڀڙڪائينداسي. (پ۱۵، بني اسرآئيل:۹۷) (وڌيڪ فرمائن ٿا ته) هي کوھ بي نمازين ۽ زانين ۽ شرابين ۽ وياج خورن ۽ ماءُ پيءُ کي ايذاء ڏيڻ وارن جي لاءِ آهي۔ (بهارِشريعت، ۱/ ۴۳۴،حصه سوم)

نماز جون برڪتون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان قيامت جي نشانين جي باري ۾ ٻڌي رهيون آهيون۔ اسان ٻڌو ته نمازون قضا ڪرڻ به قيامت جي نشانين مان آهي۔ اچو! هٿوهٿ نيت ڪريو ۽ وڏي آواز سان اظهار ڪيو ته اڄ کانپوءِ منهنجي ڪابه نماز قضا نه ٿيندي، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٭ نماز هڪ تمام وڏي عبادت آهي، ٭ نماز جنت ۾ وٺي وڃڻ وارو عمل آهي، ٭ نماز مؤمن جي لاءِ بهترين عمل آهي، ٭ نماز نور آهي، ٭ خشوع ۽ خضوع سان ٻه رڪعتون ادا ڪرڻ واري جي لاءِ جنت واجب ٿي ويندي آهي، ٭ ٻه رڪعتون نماز دنيا ومافيها(يعني دنيا ۽ جيڪو ڪجھ ان ۾ آهي، ان) کان بهتر آهي، ٭ نماز الله پاڪ جو پسنديده عمل آهي، ٭ نماز ۾ هر سجدي جي بدلي هڪ نيڪي لکي ويندي آهي، ٭ هڪ گناھ مٽايو ويندو ۽ هڪ درجو بلند ڪيو ويندو آهي، ٭ نمازي قيامت جي ڏينهن سلامتيءَ سان جنت ۾ داخل ڪيو ويندو، ٭نماز سان گناھ ڇڙندا آهن، ٭ نماز گناهن جي مير کي ڌوئي ڇڏيندي آهي، ٭ هڪ نماز پوئين نماز جي دوران ٿيڻ وارن گناهن کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي، ٭ نماز برائين کي مٽائيندي آهي،

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ڪجهه قيامت جون علامتون ۽ اسان جو معاشرو

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان قيامت جي علامتن جي باري ۾ ٻڌي رهيون هيون سين،  حضرت حُذَيفه بن يمان رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي،  غيب جو علم ڄاڻڻ واري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: قُربِ