Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

جو گدا دیکھو لیے جاتا ہے توڑا نور کا                            نور کی سرکار ہے کیا اس میں توڑا نور کا

نور کی سرکار سے پایا دوشالہ نور کا                                ہو مبارک تجھ کو ذوالنورین جوڑا نور کا

تیری نسلِ پاک میں ہے بچہ بچہ نور کا                         تُو ہے عینِ نور تیرا سب گھرانہ نور کا

(حدائقِ بخشش، ص۲۴۵،۲۴۶)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

باادب بانصيب

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻي ڳالھ جيڪا هن حديثِ پاڪ مان معلوم ٿي اها هي آهي ته حضرت جبريل امين عَلَيۡهِ السَّلَام جڏهن بارگاھِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ حاضر ٿيا ته گوڏن ڀر ٿي هٿ ران تي رکي ادب سان ويهي رهيا، هن مان اسان کي به اهو درس ملي ٿو ته جيڪي اسان کان عمر ۾ وڏيون آهن اسان انهن جو ادب ۽ تعظيم ڪريون، افسوس! جو اڄ جو نئون نسل هن طرح جي ادب ڪرڻ کان گھڻو پري ٿيندو پيو وڃي، وڏن سان ڪيئن ڳالھ ڪئي ويندي آهي، وڏن جي اڳيان ويهڻ اٿڻ ۾ ڪهڙن آدابن کي پيشِ نظر رکڻ گھرجي، ڪهڙي ڳالھ وڏن جي اڳيان خلافِ ادب آهي، وغيره وغيره هنن ڳالهين سان اڄ جو نئون نسل ئي ڇا وڏا به ڪافي پري نظر اچي رهيا آهن۔ والدين کي گھرجي ته اولاد کي ننڍپڻ ئي کان وڏن جو ادب ۽ احترام ڪرڻ سيکارين۔

ياد رهي ته !والدين تي اولاد جا جيڪي حق آهن، انهن مان هڪ اهو به آهي ته اولاد جي سٺي تربيت ڪن انهن کي اسلامي اخلاق ۽ آداب سيکارين ان جي تفصيلي معلومات ڄاڻڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جو رسالو ”اولاد جا حَق“ جو مطالعو ڪريو.

الله ڪريم اسان کي ۽ اسان جي اولاد کي باادب ۽ بانصيب بڻائي۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

عبادت ڪيئن ڪريون؟

ٽئين ڳالھ جيڪا هن حديثِ پاڪ مان معلوم ٿي اها هي آهي ته اسان کي هرعبادت اهڙي طرح سان ڪرڻ گھرجي جو تصور اهو هجي ته هو رب جنهن