Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! دنيا ڏسڻ ۾ وڏي پُررونق آهي، پر ان جو عيب اهو آهي ته هتي جي هر شيءِ جي ڪا نه ڪا انتها آهي، عَنقريب هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جڏهن دنيا جون تمام رنگينيون ختم ٿي وينديون، دنيا جي خوبصورتي تي زوال اچي ويندو، دنيا اُجڙيل چمن جيان ويران ٿي ويندي، وڏا وڏا جبل وِکرجي ذرا ذرا ٿي ويندا، عاليشان محل ٽٽي پوندا، چمڪندڙ تارا پنهنجي جڳھ ڇڏي ڏيندا، سج ۽ چنڊ جي روشني هلڪي ٿي ويندي، سمنڊ دُکايا ويندا، زمين ائين ڏڪندي جو ڪڏهن نه ڏڪي هوندي، زمين پنهنجو بار ٻاهر اڇلائي ڇڏيندي، آسمان ڦاٽي وهڻ لڳندو، هڪ عجيب منظر هوندو، حال اهو هوندو جو کير پيئارڻ واري پنهنجي کير پياڪ ٻار کي وساري ڇڏيندي، اهڙي تباهي مچندي جو اَلْاَمان وَالحفيظ۔ انهيءَ کي قيامت جو ڏينهن چون ٿا۔ انهيءَ کي حسرت ۽ پشيماني جو ڏينهن چون ٿا، انهيءَ کي حساب ڪتاب ۽ سوال جواب جو ڏينهن چون ٿا، انهيءَ کي زلزلي ۽ تباهي جو ڏينهن چون ٿا، انهيءَ کي واقع ٿيڻ ۽ دل ڏڪائڻ وارو ڏينهن چون ٿا، انهيء کي زلزلي ۽ اونڌو ٿيڻ جو ڏينهن چون ٿا۔ الله پاڪ اسان کي هن ڏينهن جي تياري ڪرڻ ۽ گهڻي مان گهڻا نيڪ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

قرآن ڪريم ۾ قيامت کي مخلتف نالن سان بيان ڪيو ويو آهي، قيامت جا