Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

وَ اِنْ تَعُدُّوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ لَا تُحْصُوْهَاؕ- (پ۱۴،نحل،۱۸)                           

ترجَمو ڪنز الايمان: ۽ جيڪڏهن الله جُون نِعمتُون ڳڻيو ته اُنهن جو شُمار ڪري نه سگھندؤ ۔

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو ته اسان جون زندگيون ختم ٿي سگھن ٿيون پر وڏي ڪوششن جي باوجود اسان الله پاڪ جي نعمتن جو شمار نٿيون ڪري سگھون، جيڪڏهن اسان مان هر هڪ پنهنجي پاڻ کي ملندڙ نعمتن جو جائزو وٺي ته اندازو ٿيندو ته اسان کي الله پاڪ ڪيتريون نعمتون عطا ڪيون آهن۔

کاڌي ۾ استعمال ٿيل نعمتون

   ٿورو غور ڪريو! اسان جيڪو کاڌو کائون ٿيون، هن کاڌي ۾ اسان جي لاءِ ڪيتريون نعمتون لڪيل آهن، سڀ کان پهريان اهو غور ڪريو هڪ ٻج جيڪو زمين جي اندر پوکيو ويندو آهي، الله پاڪ ان کي ڪڍي ٿو، ۽ اسان جي کاڌي لائق بڻائي ٿو، پوءِ ان ٻج کي پيسڻ جي لاءِ انسان کي دماغ جي نعمت ڏني جو ان هڪ اهڙي مشين ٺاهي جيڪا ڪجهه منٽن ۾ ڪيترا ئي مڻ داڻا پيسي اٽو ٺاهي وٺندي آهي. پوءِ جڏهن اهي ٻج پيسجي اٽو بڻجي وڃن ته ان کي ڳوهڻ جي لاءِ پاڻي جي نعمت عطا فرمائي، پوءِ ان ڳوهيل اٽي کي پچائڻ جي لاءِ باھ جي نعمت عطا فرمائي، پوءِ جڏهن اها پچي وڃي ۽ ماني جي صورت ۾ اسان جي اڳيان اچي ته ان کي عزت ۽ تعظيم سان کائڻ جي لاءِ اسان کي هٿن جي نعمت عطا فرمائي، اسان هٿن سان ان کاڌي کي کڻي پنهنجي وات جي ويجھو ڪيون ٿيون، وات جي مٿي نڪ جي صورت ۾ کاڌي جي خوشبودار يا بدبودار هئڻ جي جانچ جي لاءِ هڪ نعمت عطا ڪئي آهي، پوءِ کاڌي جو گرھ اسان پنهنجي وات ۾ وجھون ٿيون، هاڻي سوچيو ڪيتريون ساريون نعمتون ان جي لاءِ استعمال ٿين ٿيون، هن کاڌي کي چٻائڻ جي لاءِ الله پاڪ اسان کي ڏندن جي نعمت عطا فرمائي آهي، جيڪڏهن کاڌي ۾ ڪا اهڙي شيء جيڪا کائڻ لائق نه هجي، جيئن ڪا پٿري، هڏي وغيره ته ڏندن سان ٽڪرائيندي ئي خبر پئجي ويندي آهي ته هي اسان کي ناهي کائڻو، اسان ان کي ڪڍي ڇڏينديون آهيون، پوءِ جيڪڏهن اها شيء نرم هجي جيئن وار، ڌاڳو وغيره ته زبان جي نعمت اسان کي ٻڌائيندي آهي ته اهو اسان کي ناهي کائڻو ۽ اسان ان کي ڪڍي ڇڏينديون آهيون، پوءِ ان کاڌي کي معدي تائين کڻي