Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

نفل ادا ڪيو

الله پاڪ جي رِضا ۽ هن نعمت (يعني وطنِ عزيز جي ملڻ) جو شڪر ڪرڻ جي نيت سان نفل ادا ڪيو۔ سُبْحَانَ الله! نفل پڙھڻ جي به ڪيتري پياري فضيلت آهي:

سرڪارِ مدينه، قرارِ قلب و سِينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون:" جيڪو شخص وضو ڪري ۽ چڱي طرح وُضو ڪري ۽ ظاهر ۽ باطن سان گڏ متوجھ ٿي ٻه (2) رڪعت پڙھي، ان جي لاءِ جنّت واجب ٿي ويندي آهي۔ (مسلم، ڪتاب الطهارۃ، باب الذڪر۔۔۔، ص۱۱۸، حديث:۵۵۳)

۽ پوءِ ائين دعا به ڪريو ته يا رب! تو اسان کي آزاد ملڪ جي صورت ۾ جيڪا نعمت عطا فرمائي آهي اسان کي ان جو قدر ڪرڻ جي توفيق عطا فرما، هن ملڪ ۾ تنهنجا ئي احڪام ۽ تنهنجي رضا وارا ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرما ۽ هر ان ڪم کان بچڻ جي توفيق عطا فرما جنهن سان تون ۽ تنهنجا پيارا حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ناراض ٿيندا هجن۔

 اميرِ اهلسنّت حضرت علّامه مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي مدني سوچ ۽ سندن ”وطنِ عزيز ملڪ پاڪستان“ سان سچي محبت تي پاڻ مختلف موقعن تي مدني مذاڪرن ۾ ”يومِ آزادي“ جي نعمت تي جيڪي مُفيد مَدَني گل عَطا فرمايا آهن، اچو اهي به ٻڌون ٿيون ته جيئن اسان به الله پاڪ ۽ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نافرماني کان بچندي، يومِ آزادي جي نعمت تي شڪر ادا ڪريون۔ پاڻ دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه اِرشاد فرمائن ٿا: هڪ تمام وڏو تعداد جيڪو جَشنِ آزادي غلط طريقي سان ملهائي ٿو خُوب شور شرابو ڪندو مستيون ڪندي نظر ايندو آهي، الله پاڪ ڪري مُسلمان انهن خُرافات کان بچي مدني چينل ڏسي جَشنِ آزادي ملهائن ته اِنْ شَآءَ الله اهو وَقت به ايندو جو اسان جهنّم کان آزادي جو جَشن ملهائينداسين. ها! هي جهنّم کان آزادي جو جَشن حياتي ۾ نٿو ٿي سگھي (پوءِ امير اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جشن آزادي تي خُرافات ۾ پوڻ وارن کي بچڻ جو ذهن ڏيندي ارشاد فرمائن ٿا) ڇا عجب جن گناهن جو ڀر پور پروگرام بڻائي رکيو آهي اهي گناهن جو وَقْت شروع ٿيڻ کان پهريان ئي موت کي لَبَّيڪ چئي ڇڏين ۽ انهن کي موت اچي