Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

وڃي، ڪاش گناهه ڪندي اسان کي اهو احساس ٿئي ته منهنجو رب مون کي ڏسي رهيو آهي منهنجو رب ناراض ٿي ويندو مان ڪٿي پنهنجي آخرت خراب نه ڪري ڇڏيان، اي منهنجا هم وطنو! جيڪڏهن گناھ جا سلسلا اوهان سوچي رکيا آهن مهرباني ڪري باز اچي وڃو، توبه ڪري وٺو ائين نه ٿئي جو گناھ ڪندي ڪندي اوهان ماڻهن کي موت اچي ۽ اسان ماڻهن کي به خبر پئجي وڃي، پوءِ اسان عبرت جي طور تي اوهان جو بيان ڪيون بلڪه جيڪو گُناهه جو پڪو اراد ڪري ڪري ۽ هاڻي توبه ڪري وٺي ان جي لاءِ به فضيلت آهي۔ (مدني مذاڪرے جي مدني پھول)

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّ

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ قرباني جون کلون جمع ڪرڻ واري جي لاءِ ڪجهه نيتون ۽ احتياطون بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سلام ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو حضرت علامه مولانا محمد الياس قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي  ”101 مدني گل“ مان سلام ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿيون.

٭ مسلمان(محرمن) سان ملاقات ڪرڻ وقت ان کي سلام ڪرڻ سنّت آهي۔ ٭  مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل بهار شريعت جلد 3 صفحي 469 تي لکيل مسئلي جو خلاصو آهي؛ ”سلام ڪرڻ وقت دل ۾ اها نيّت هجي ته جنهن کي سلام ڪري رهي آهيان ان جو مال ۽ عزت، آبرو سڀ ڪجھ منهنجي حفاظت ۾ آهن ۽ مان انهن مان ڪنهن شيء ۾ دخل اندازي ڪرڻ حرام سمجھان ٿي“٭ ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿئي، هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري ۾ بار بار اچڻ وڃڻ ٿئي، اتي موجود محرمن کي سلام ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي ٭ سلام ۾