Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

هو مون کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏين ها، جيڪڏهن الله چاهي ها ته سمنڊ کي حڪم فرمائي ها اهو مون کي غرق ڪري ڇڏي ها، جيڪڏهن الله چاهي ها ته زمين کي حڪم ڪري ها ته اها مون کي پنهنجي اندر دٻائي ڇڏي ها۔ پر ڏسو، الله پاڪ مون کي انهن تمام مصيبتن کان محفوظ رکيو، پوءِ مان پنهنجي رَبّ جو شڪر ادا ڇو نه ڪيان؟ ان جي حمد ڇو نه ڪيان؟ ۽ ان پاڪ پَرۡوَرۡدۡگار سان مَحَبَّت ڇو نه ڪيان؟ (عيون الحڪايات،ص۹۴ملخصاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

نعمت ڇو کسجي ويندي آهي؟

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جيڪا ايمان افروز حڪايت بيان ٿي ان مان اهو درس به حاصل ٿيو ته جيڪڏهن ڪڏهن الله پاڪ پنهنجي ڪا نعمت اسان کان واپس وٺي، تڏهن به ان جون اسان تي نعمتون ايتريون وڌيڪ هونديون آهن جو اسان انهن تي ان ڪريم رب جو شڪر ادا نٿا ڪري سگھون۔ ان ڪري جيڪڏهن ڪا نعمت اسان کان جدا ٿي وڃي ته اسان کي ان جدا ٿيڻ واري نعمت تي نظر رکڻ ۽ ان جو غم ملهائڻ بدران باقي جيڪي نعمتون ان اسان کي عطا ڪيون آهن ان تي نظر رکندي ان جو شڪر ئي ادا ڪرڻ گھرجي۔ تقدير ۾ ڇا لکيل آهي ان کي ڪير نٿو ڄاڻي پر ان ۾ شڪ ناهي ته ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو ڪا نعمت جيڪا الله پاڪ اسان کي عطا ڪئي هوندي آهي اها اسان جي زحمت جو سبب بڻجڻ واري هوندي آهي جو ايتري ۾ اهو ربِّ ڪريم اسان تي رحم فرمائيندي ان کي واپس وٺي لاهيندو آهي، ٻڌايو! هن ۾ ته اسان جو فائدو ئي ٿيو جو اها نعمت جيڪا عنقريب اسان جي لاءِ پريشاني جو سبب (Reason) بڻجڻ واري هئي ان رحيم ۽ ڪريم رب اسان جي چوڻ بنا ان کي اسان کان هن طرح واپس ورتو جو اسان کي ڪنهن به پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پيو۔ هاڻي ان تي ته ان مهربان ۽ عظيم رب جو شڪر ادا ڪرڻ گھرجي، نه اهو جو ان کان شڪوه ڪرڻ گھرجي۔ جيئن الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائيندو آهي.