Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اڄ جي بيان جو موضوع آهيالله جي نعمتن جي قدر ڪريو“ اڄ هڪ تعداد آهي جيڪو هن دنيا ۾ الله پاڪ جون ڏنل کوڙ نعمتون استعمال ڪندو آهي، ڪيتريون نعمتون استعمال ڪندو آهي هن جو ڪو به شمار نٿو ڪري سگھي بلڪ هڪ لمحي ۾ اسان تي ان ڪريم جون ڪيتري قدر نعمتون ۽ ڪرم نوازي آهي، ڪو به ان جي ڪامل سڃاڻپ نٿو رکي پر جنهن کي الله پاڪ خود جيتري پهچان عطا ڪري، حقيقت ته هي آهي جو اسان کي جن نعمتن جو جيترو شعور آهي اسان انهن نعمتن جي به صحيح طور قدر ڪرڻ واريون ناهيون. ۽ انهن نعمتن تي ان خالق ۽ مالڪ جو شڪر ڪرڻ واريون ته شايد تمام گھٽ آهن۔ شايد اهو ئي سبب آهي جو هڪ نعمت به جيڪڏهن هلي وڃي ته بعض اوقات شڪوه شڪايت ۽ ٻين نعمتن جي ناقدري جو هڪ ڊگھو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، اسان کي پنهنجي سوچ کي ڪيئن رکڻ گھرجي ۽ ڪهڙي طرح صبر ۽ شڪر جو سلسلو جاري رکڻ گھرجي، اڄ اسان هن باري ۾ مدني گل ٻڌنديون سين۔ الله ڪري جو تمام بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ جي سعادت ملي وڃي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي