Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

نعمتن جو شڪر ڪيئن ادا ڪريون؟

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان نعمتن جي قدر ڪرڻ جي باري ۾ ٻڌي رهيون هيون سين، افسوس ته هڪ تعداد کي ته اهو به ناهي معلوم ته الله پاڪ جي ڏنل نعمت تي ان جو شڪر ادا ڪيئن ڪريون، ڪي اسلامي ڀينرون نعمتن تي زباني ڪلامي هيئن چوندي ٻڌيون ويون آهن، ادي الله پاڪ جو ڏنل سڀ ڪجھ آهي، ڪرم آهي مالڪ جو، ان جو شڪر آهي سڀ ڪجھ عطا ڪيائين، اهو به غنيمت آهي جڏهن ته بعض علم کان پري ۽ ناسمجھ نعمتن کي ته مَعَاذَ الله گناهن ۾ استعمال ڪري رهيون هونديون آهن ۽ گڏوگڏ شڪر وارا جملا به چئي رهيون هونديون آهن۔ ياد رکو! نعمت جو حقيقي شڪر اهو ئي آهي ته ان نعمت تي زبان سان به شڪر ادا ڪيو وڃي ۽ ان نعمت کي نيڪيون ڪرڻ جي لاءِ به استعمال ڪيو وڃي۔ حضرت سيدُنا ابو عبدالله رازي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بيان ڪن ٿا ته حضرت سيدُنا سُفيان بن عُيينَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه مون کي فرمايائون: ابوعبدالله! نعمت تي شڪرِخداوندي اهو آهي ته تون ان جي حمد (ساراھ) ڪرين ۽ ان نعمت کان نيڪي تي مدد حاصل ڪرين۔ جنهن نعمتِ الٰهي کان گُناھ تي مدد ورتي ان الله پاڪ جو ان جي نعمت تي شڪر ادا نه ڪيو۔ (حليۃالاولياء وطبقات الاصفياء، ۷/۳۲۸) جڏهن ته جسماني عضوئن جو شڪر ڪيئن ادا ٿيندو آهي، اچو ٻڌون ٿيون:

جسماني عضوئن جو شڪر ڇا آهي؟

هڪ شخص حضرت سيدُنا ابُو حازِم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي عرض ڪيائين: اي ابُو حازم! اکين جو شڪر ڇا آهي؟“ ارشاد فرمايائون: ”انهن جي ذريعي ڪا چڱي ڳالھ ڏسو ته ان کي عام ڪيو ۽ جيڪڏهن بُري ڳالھ ڏسو ته ان کي لڪايو۔

افسوس! اسان جو هڪ تعداد آهي جن جون اکيون چڱا ڪم ۽ چڱيون ڳالهيون ڏسڻ کان گھڻيون پري رهنديون آهن جڏهن ته برا ڪم بريون ڳالهيون ڏسڻ جي جستجو ۾ رهنديون آهن۔