Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

اڳرائي ڪرڻ سنّت آهي ٭ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ واري الله عَزَّوَجَلَّ جي مُقرّب آهي ٭ جيڪو سلام ۾ اڳرائي ڪري اهو تَڪَبُّر کان به بَري آهي جيئن منهنجي مڪي مدني آقا، مٺي مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمان آهي؛ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان بَري آهي۔ (شعب الايمان ج 6 ص 433 حديث 8786) ٭  سلام (۾ اڳرائي) ڪرڻ واري تي 90 رحمتون ۽ جواب ڏيڻ واري تي 10 رحمتون نازل ٿين ٿيون۔ (جامع الصغير للسيوطي،الحديث 487 ص 36) ٭  اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ چوڻ سان 10 نيڪيون ملن ٿيون، گڏوگڏ وَرَحْمَۃُ الله به چئو ته 20 نيڪيون ٿي وينديون ۽ وَبَرَکَاتُہٗ شامل ڪريو ته 30 نيڪيون ٿي وينديون۔ ڪي ماڻهو سلام سان گڏ جنّت المقام ۽ دوزخ الحرام جا الفاظ به وڌائيندا آهن اِهو غلط طريقو آهي، ٭  سلام جو جواب جلدي ۽ ايڏي آواز سان ڏيڻ واجب آهي جو جنهن اسلامي ڀيڻ ڪيو اها ٻڌي وٺي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه! آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع هوندو: ’’شان عثمان غني‘‘ ذوالحجة الحرام جو مهينو اسان جي وچ ۾ پنهنجون رحمتون ۽ برڪتون لٽائي رهيو آهي، هن مهيني جي 18 تاريخ جو ٽئين خليفي اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عثمانِ غني رَضِي الله عَنْه جو يومِ شهادت آهي،