Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

انسان صبر بدران مخلوق جي اڳيان شڪوه شڪايت ڪندو۔

      ٻيو سبب اهو آهي ته ڪڏهن گناهن کي مٽائڻ ۽ ان جي مير کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪفاري جي طور تي انسان مصيبت ۾ مبتلا ڪيو ويندو آهي۔

      جيڪا مصيبت گناهن ۽ ڏوهن جي لاءِ ڪفاري جي طور تي هوندي ان جي نشاني اها آهي ته ان ۾ انسان ٻين جي اڳيان شڪوه شڪايت جي بدران صبر جميل سان ڪم وٺندو، ديني احڪامن جي اطاعت ۽ ادائيگي ۾ ٽال مٽول سان بچندو۔

      ٽيون سبب اهو آهي ته ڪڏهن درجات جي بلندي، معرفت ۽ قربِ الٰهي جي اعليٰ رتبن تائين پهچائڻ جي لاءِ انسان مصيبت ۾ مبتلا ڪيو ويندو آهي۔

      جيڪا مصيبت درجات جي بلندي ۽ حصولِ قرب و معرفتِ الٰهي جي اعليٰ مراتب تي پهچڻ جي لاءِ هجي ان جي نشاني اها آهي ته رضاءِ الٰهي سان هڪجھڙائي نظر ايندي ۽ نفس کي الله پاڪ جي ذڪر ۾ اطمينان ۽ سڪون نصيب ٿيندو۔ (قلائدالجواهر بهامشه فتوح الغيب، ص۸۷،۸۸ملخصاً)  

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

نعمتون ئي نعمتون!

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن ۾ شڪ ناهي ته الله پاڪ جون نعمتون بي انتهاء آهن، ان جي ڏنل نعمتن جو ڪوئي حساب نه آهي، جيڪڏهن ڪو ان جي نعمتن کي ڳڻڻ شروع ڪري ته ان ۾ شڪ ناهي ته زندگي ته ختم ٿي ويندي پر نعمتن جو تعداد ختم نه ٿيندو، اڄ جي هن ترقي يافته دور ۾ جڏهن سائنس پنهنجي عروج (Climax) تي آهي، ڪائنات جا ڪيئي راز سائنس جي ڪري ظاهر ٿي رهيا آهن، هر ڏينهن نيون ايجادات ۽ تحقيقات ٿي رهيون آهن، جديد ترين آلات جي مدد سان لکين، ڪروڙين، اربين، کربين بلڪه بي شمار شين جو حساب ۽ ڪتاب لڳائي سگھجي ٿو، پر اڄ تائين ڪا اهڙي مشين ايجاد ناهي ٿي جيڪا الله پاڪ جي نعمتن جو شمار ڪري سگھي، يقيناً ان ڪريم رب جون نعمتون بي حساب آهن، انهن کي نه ئي ڪو شمار ڪري سگھيو آهي نه ئي ڪو شمار ڪري سگھندو۔ پاڻ الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ پنهنجي نعمتن بابت ارشاد فرمايو آهي: