Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

وَ عَسٰۤى اَنْ تَكْرَهُوْا شَیْــٴًـا وَّ هُوَ خَیْرٌ لَّكُمْۚ-وَ عَسٰۤى اَنْ تُحِبُّوْا شَیْــٴًـا وَّ هُوَ شَرٌّ لَّكُمْؕ-وَ اللّٰهُ یَعْلَمُ وَ اَنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ۠(۲۱۶)

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ عين ممڪن آهي جو ڪا ڳالهه اوهان ناپسند ڪريو ۽ اها اوهان جي حق ۾ ڀلي هجي ۽ عين ممڪن آهي ته ڪا ڳالهه اوهان پسند ڪريو ۽ اها اوهان جي حق ۾ خراب هجي ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهان نه ٿا ڄاڻو.

   هن آيت سڳوري جي تحت  صراط الجنان ۾ آهي ته اوهان کي طبعي طور تي ڪا شيءِ ناپسند هئڻ هن ڳالهه جي علامت ناهي ته اها شيءِ ناپسنديده ۽ نقصان واري آهي جيئن ڪوڙي دوا، انجيڪشن ۽ آپريشن طبعي طور تي ناپسند هوندا آهن پر نقصان وارا ناهن هوندا بلڪ نهايت فائدي مند آهن. ائين ئي ڪنهن شيءِ جو اوهان کي پسند هئڻ هن ڳالهه جي دليل ناهي ته اها سٺي ۽ مفيد آهي. ٻار کي پڙهائي جي جڳهه هر وقت کيڏڻ پسند هوندو آهي، شوگر جي مريض کي مٺائي پسند هجي ته ان جو هي مطلب ناهي ته هي شيون ان جي لاءِ مفيد به آهن بلڪ نقصان واريون آهن. لهذا سٺي يا بري هئڻ جو دارومدار پنهنجي سوچ تي نه رکو بلڪ الله ڪريم جي حڪم تي رکو. الله ڪريم جنهن شيءِ جو حڪم ڏنو اها بهرحال اسان جي لاءِ بهتر آهي ۽ جنهن کان منع فرمايو اها بهرحال اسان جي لاءِ بهتر ناهي. (صراط الجنان ، پ۲،البقرۃ،تحت الایۃ:۲۱۶، ۱/۳۳۱) 

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اهڙي طرح ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو ڪنهن نعمت جي کسجڻ يا ڪنهن مصيبت ۾ مبتلا ٿيڻ ۾ ڪا ٻي حڪمت لڪيل هوندي آهي، لهٰذا اسان کي گھرجي ته هر حال ۾ صبر جو دامن پڪڙي رکون ۽ شڪوه ۽ شڪايت جي بدران شڪر سان پنهنجي زبان تَر رکون۔ هن باري ۾، قنديلِ نوراني، غوثِ صمداني، محبوبِ سبحاني، شهبازِ لامڪاني، عالمِ رباني حضرت سَيدُنا شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ٽن سببن جي ڪري انسان مصيبت ۾ مبتلا ڪيو ويندو آهي۔      

      هڪ سبب اهو آهي جو ڪڏهن انسان گناهن جي سزا جي ڪري مصيبتن ۾ مبتلا ڪيو ويندو آهي۔

      جيڪا مصيبت گناهن جي سزا جي لاءِ هوندي ان جي نشاني اها آهي ته