Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

نعمت گهيري وٺندي۔ ٻانهو چوندو:”مولا! پنهنجي رحمت ۽ فضل سان بدلو عطا فرما۔“ ربِّ ڪريم فرمائيندو:”منهنجي رحمت ۽ منهنجي فضل (سان بدلو ملندو)۔“ ايتري ۾ هڪ ٻئي شخص کي آندو ويندو جنهن جي اعمال نامي ۾ ڪو گناھ نه هوندو۔ الله پاڪ فرمائيندو: ڇا تون منهنجي ولين کان دوستي رکندو هئين؟ هو چوندو: مان ته ماڻهن کان پري رهندو هئس۔ الله پاڪ ارشاد فرمائيندو: ڇا تون منهنجي دشمنن کان دشمني رکندو هئين؟ ٻانهو چوندو: ”مولا! منهنجي ڪنهن سان ڪا دشمني نه هئي۔“ الله پاڪ فرمائيندو: جيڪو منهنجي اوليا کان دوستي ۽ منهنجي دشمنن کان دشمني نه رکندو هو منهنجي رحمت کان محروم آهي۔ (معجم ڪبير،۲۲/ ۵۹،حديث:۱۴۰)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن حديثِ پاڪ مان معلوم ٿيو ته سڄي زندگي جيڪڏهن انسان گناهن کان بچندو رهي، ۽ سڄي زندگي صرف ۽ صرف عبادت ۽ نيڪين ۾ ئي گذاري ڇڏي تڏهن به اهي تمام عبادتون الله ڪريم جي ڏنل هڪ ئي نعمت جو شڪريو نٿيون بڻجي سگھن، جڏهن ته ان رب جون ڏنل نعمتون ته بي عدد ۽ بي حساب آهن، تنهنڪري عقل مندي اها ئي آهي ته هميشه الله ڪريم جي ذڪر ۽ شڪر ۾ زبان کي مشغول رکڻ گھرجي ۽ ان کان عافيت جي دعا ڪرڻ گھرجي۔

مصيبت ۾ به نعمت آهي

(1)  حضرت سيدُنا عبدالعزيز بن ابي رواد رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بيان ڪن ٿا ته هڪ ڀيري مون حضرت سيدُنا محمد بن واسع رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي هٿ تي هڪ وڏي ڦرڙي ڏسي گھڻو پريشان ٿيس، پاڻ منهنجي چهري تي پريشاني جا آٓثار ڏسي فرمايائون: ڇا توهان کي خبر آهي ته هن ڦرڙي جي ڪري مون تي ڪيترو وڏو انعام ٿيو؟ منهنجي خاموش رهڻ تي پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمايائون: (شڪر آهي ته) الله پاڪ ان کي منهنجي اک جي سياهي، منهنجي زبان ۽ منهنجي پوشيده عضوئن تي ناهي ڪڍيو بلڪ (منهنجي هٿ تي ڪڍي) ان کي مون تي هلڪو ڪري ڇڏيو آهي۔ (حليۃالاولياء وطبقات الاصفياء، ۲/۳۹۹)