Book Name:Allah Ki Nemton Ki Qadr Kijye

الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اچو پهريان هڪ حڪايت ٻڌون ٿيون:

ٻارهن سُوارن جو قافلو

حضرت سَيدُنا امام اَوزاعي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون کي هڪ بُزرگ اهو واقعو ٻڌايو ته مان اولياءِ ڪرام جي تلاش ۾ رهندو هئس ۽ انهن جي قيام گاهن کي ڳولڻ لاءِ ريگستانن، جبلن ۽ جنگلن ۾ ڦرندو هئس ته جيئن انهن جي صحبت کان فيض ياب ٿي سگھان۔ هڪ ڀيري انهيء مقصد (Purpose) جي لاءِ مصر ڏانهن روانو ٿيس، جڏهن مان مصر جي ويجھو پهتس ته هڪ ويران هنڌ ۾ خيمو ڏٺو، جنهن ۾ هڪ اهڙو شخص موجود هو، جنهن جا هٿ، پير ۽ اکيون (جُذّام(ڪوڙھ) جي) بيماري سبب ضايع ٿي چڪيو هيون۔ هن حالت ۾ به اهو شخص هنن لفظن سان پنهنجي رب جي حمد ۽ ثنا ڪري رهيو هو ته اي منهنجا پَرۡوَرۡدۡگار! مان تنهنجي اها حمد (ساراھ) ڪيان ٿو جيڪا سموري مخلوق جي حمد جي برابر هجي۔ اي منهنجا پَرۡوَرۡدۡگار! بيشڪ تُون سڄي مخلوق جو خالق (بنائڻ وارو) آهين ۽ تُون سڀني تي فضيلت رکين ٿو، مان ان انعام تي تنهنجي حمد ڪيان ٿو ته تو مون کي مخلوق ۾ ڪيئي ماڻهن کان افضل بڻايو۔

 هو بزرگ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته جڏهن مون ان شخص جي اها حالت ڏٺي ته مون چيو: خدا جو قسم! مان هن شخص کان اهو ضرور پڇندس ته ڇا حمد جا اهي پاڪيزه جملا توکي سيکاريا ويا آهن يا توکي اِلهام ٿيا آهن؟ پوءِ انهيء ارادي سان مان ان وٽ ويس ۽ ان کي سلام ڪيو، ان منهنجي سلام جو جواب ڏنو۔ مون چيو: اي نيڪ انسان! مان تو سان هڪ شيء جي باري ۾ سوال ڪرڻ چاهيان ٿو، ڇا توهان مون کي جواب ڏيندؤ؟ هو چوڻ لڳو: جيڪڏهن مون کي خبر هوندي ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه ضرور جواب ڏيندس۔ مون چيو: (توهان جا هٿ، پير ۽ اکيون وغيره سڀ ضايع ٿي چڪا آهن پوءِ) اها ڪهڙي نعمت آهي جنهن تي توهان الله جي حمد ڪري رهيا آهيو ۽ اها ڪهڙي فضيلت آهي جنهن تي توهان ان جو  شڪر ڪري رهيا آهيو؟ هو شخص چوڻ لڳو: ڇا تون نٿو ڏسين ته منهنجي ربّ مون سان ڪهڙو مُعاملو فرمايو؟ مون چيو: ڇو نه، مان سڀ ڏسي چڪو آهيان۔ پوءِ هو چوڻ لڳو: ڏسو! جيڪڏهن الله پاڪ چاهي ها ته مون تي آسمان تان باھ وسائي ها جيڪا مون کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏي ها، جيڪڏهن هو پَرۡوَرۡدۡگار چاهي ها ته جبلن کي حڪم ڏي ها ۽