Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

حضرت سَيدُنا ابُوهرَيره رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي عرض ڪيو ويو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! سڀ کان وڌيڪ عزّت وارو ڪير آهي؟ فرمايائون: اهو جيڪو ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ مُتّقي هجي۔

 (بخاري، ڪتاب احاديث الانبياء،باب قوله تعالٰي واتخذ الله ابراهيم خليلا،۲/۴۲۱،حديث:۳۳۵۳)

هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن حضرت ابُو ذَر
رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه کي فرمايو: توهان ڪنهن ڳاڙهي يا ڪاري کان بهتر نه آهيو پر اهو جو توهان ان کان پرهيزگاري ۾ وڌي وڃو۔ (مسند احمد، مسند الانصار،حديث ابي ذر الغفاري، ۸/۹۳، حديث: ۲۱۴۶۴)

مُفَسِّرِ شَهير، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: سياه فام مؤمن (يعني ڪاري رنگ وارو مسلمان) هزارين سُرخ سفيد ڪافرن کان افضل آهي۔ سياه فام مُتَّقي هزارين سُرخ سفيد بدڪارن کان افضل آهي۔ فاسِق کان مُتَّقي افضل، غافل کان بيدار افضل اهو فرمانِ عالي تمام ئي وسيع آهي۔ (مرآة المناجيح،۷/۳۳-۳۲ملتقطاً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته دينِ اسلام ۾ محض اونچي نسب وارو يا مالدار هئڻ، سفيد ۽سياه رنگت وارو هئڻ فضيلت جو سبب ناهي بلڪه انسان جي افضل ۽ اعليٰ هئڻ جو معيار تقويٰ ۽ پرهيزگاري تي آهي۔ تقويٰ ۽ پرهيز گاري اهڙي عظيمُ الشَّان دولت آهي جو اِمامُ المُتَّقين، سَيدُ المُرسَلينصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن بارگاھ الٰهي ۾ دُعا جي لاءِ هٿ کڻندا هئا ته تَقويٰ جي به دُعا ڪندا هئا، جيئن

حضرت سَيدُنا ابنِ مسعود رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته نبي ڪريم ، رؤفٌ رّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هي دُعا گھرندا هئا: اَللّٰهُمَّ اِنِّي اَسْئَلُكَ الْهُدٰي وَالتُّقيٰ وَالْعَفَافَ وَالْغِنيٰ يعني اي منهنجا پَروَردگار! آئون تو کان هدايت، تقويٰ، پاڪدامني ۽ توَنگَري  جو سوال ڪيان ٿو۔ (مسلم، ڪتاب الذڪروالدعا …الخ، باب التعوذمن شر ما عمل الخ،ص۱۴۵۷، حديث:۲۷۲۱)