Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

فرمايائون: بيشڪ الله تعاليٰ توهان مان جاهليّت جو غرور ۽ خانداني فخر پري ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي يا ته مومن نيڪوڪار ٿيندا يا بدڪار ۽ بد بخت۔

(ترمذي،ڪتاب المناقب،باب في فضل الشام واليمن،۵/۴۹۷،حديث: ۳۹۸۱)

حضرت سَيدُنا علي مُرتَضيٰ، شَيرِ خدا کرَّمَ اللّٰه تَعَالٰي وَجْهه الْکرِيم فرمائن ٿا ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايائون: جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو ته ٻانهن کي الله تعاليٰ جي اڳيان بيهاريو ويندو ان حال ۾ جو اهي بغير ختنو ڪيل هوندا، پوءِ الله تعاليٰ ارشاد فرمائيندو: اي منهنجا ٻانهؤ! مون توهان کي حڪم ڏنو ۽ توهان منهنجي حڪم کي ضائع ڪري ڇڏيو ۽ توهان پنهنجن نَسَبَن کي بُلند ڪيو ۽ ان جي ذريعي هڪٻئي تي فخر ڪيو، (تنهنڪري) اڄ جي ڏينهن مان توهان جي نسبن کي حقير ۽ ذليل قرار ڏئي رهيو آهيان، مان ئي بدلو ڏيڻ وارو حاڪم آهيان، ڪٿي آهن مُتَّقي ماڻهو؟ ڪٿي آهن مُتَّقي ماڻهو؟ بيشڪ الله تعاليٰ وٽ توهان مان وڌيڪ عزّت وارو اهو آهي جيڪو توهان ۾ وڌيڪ پرهيزگار آهي۔ (تاريخ بغداد، ذڪر من اسمه علي، علي بن ابراهيم العمري القزويني، ۱۱/۳۳۷، رقم :۶۱۷۲)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته الله عَزَّوَجَلَّ جي ويجھو مُتّقي ماڻهو ئي عزت ۽ فضيلت وارا آهن۔ مُعاشري ۾ انهن جي خَسته حالي سبب توڙي جو انهن کي عزّت ۽ اهميت نه ڏني ويندي هجي، پر بروزِ حشر نهايت شان ۽ شوڪت سان آندا ويندا، سيپاري 16سُوره مريم جي آيت نمبر 85 ۾ اِرشاد آهي:

یَوْمَ نَحْشُرُ الْمُتَّقِیْنَ اِلَى الرَّحْمٰنِ وَفْدًاۙ(۸۵) (پ۱۶،مريم:۸۵)   

ترجموڪنزالايمان؛ جنهن ڏِينهن اسان پرهيزگارن کي رحمٰن جي طرف وٺِي وِينداسِين مِهمان بنائي.

دُنيا ۾ اهي ماڻهو جيتوڻيڪ خُوبصورت بنگلن بدران ڪکاون گھرن ۾ رهندا هجن پر جنّت ۾ انهن کي انعام طور عاليشان محلّ عطا ڪيا ويندا،