Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

اسان به نه صرف مٺي مديني جي محبت بلڪ مديني جي گھٽين ۽ بازار جي محبت، اتي جي گلشن وڪوهسار جي محبت، اتي جي در و دِيوار جي محبت، اتي جي گل ايستائين جو اتي جي ڪنڊن جي محبت پنهنجي دل ۾ سانڊي رکون، ان جي ياد ۾ تڙپون ۽ اتي جي با آدب حاضري جي نه صرف آرزو ڪيون بلڪ الله  عَزَّوَجَلَّ  کان ان جون دُعائون به گھرون۔

غریب جائے کہاں یا ربّ تڑپتی رُوح کو لے کر

تجھے محبوب کاصدقہ تُو پہنچا دے مدینے میں

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ياد رکو! محبت جي هڪ نشاني اها به آهي ته جنهن سان محبت ڪئي وڃي، ان سان نسبت رکڻ واري شين سان به محبت ڪئي وڃي ۽ بالخصوص جنهن سان محبوب کي محبت هجي، ان کان ته انتهائي محبت ۽ عقيدت رکي وڃي، حضورِ اڪرم،نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي مديني جي سرزمين سان ڪيتري قدر محبت هئي ان جو اندازو هن ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته

 پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن به مديني کان ٻاهر سفر لاءِ ويندا هئا ته واپسي تي مديني جا در و ديوار ڏسندي ئي جلد کان جلد اتي قدم رنجا فرمائڻ جي ڪوششون ڪندا هئا۔حديثِ پاڪ ۾ آهي :

نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن سفر تان ايندا هئا ۽ مدينه پاڪ جي ديوارن کي ڏسندا هئا ته مديني سان محبت جي وجه سان پنهنجي سواري کي تيز ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن گھوڙي تي هوندا هئا ته ان کي (پير جي) کڙي لڳائيندا هئا. (بخاري ،ڪتاب فضائل المدينه،۱۱-باب ،۱/۶۲۰،حديث:۱۸۸۶)

مُفَسِّرِ شَهير، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي تحت فرمائن ٿا ته حضورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي مدينو پاڪ ايترو پيارو