Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪيون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم:   نِيَّةُ المُؤمِنِ خَيرٌ مِّن عَمَلِهٖ. يعني مسلمان جي نيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. [1]    

ٻه مدني گُل

 (2) جيتريون سٺيون نيتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

* نگاهون جھڪائي انتهائي توجھ سان بيان ٻُڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو گوڏا وڇائي ويهندس * ضرورت طور سوڙهو ٿي سِرڪي ڪري ٻين جي لاءِ جاءِ ڪُشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھورڻ، جھڻڪڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻُڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي (يعني دلداري) جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مُصافحو ۽ اِنفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                  صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ھڪ غريب الوطن حاجي

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب ”عُيون الحڪايات“حصو پهريون، ص 384 تي هڪ حڪايت نقل آهي، وڌيڪ ڌيان سان ٻڌو ۽ خوش ٿيو: قُطبِ وقت حضرت سَيدُنا ابواسحاق ابراهيم خَوّاص رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مشهور وَلِي الله آهن۔ اهي هڪ شخص سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪندي ارشاد فرمائن ٿا: مان تقريباً 17 سالن تائين جنگلن ۽ ريگستانن ۾ ڦرندو رهيس ۽ مختلف هنڌن تي پنهنجي رَبّ عَزَّ وَجَلَّ جي عبادت ڪندو رهيس۔ هنن 17سالن ۾ مون سان جيڪو سڀ کان وڌيڪ عجيب واقعو

 

 



[1] (المعجم الڪبير للطبراني، باب السین،سهل بن سعد الساعدی الحديث: 5942، ج 6، ص 185)