Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

جن مدينة المنوره ۾ مرڻ جي ترغيب ارشاد فرمائي * هتي مرڻ واري جي سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن شفاعت فرمائيندا * جيڪو وضو ڪري اچـي ۽ مسجد نبوي شريف ۾ نماز ادا ڪري ته ان کي حج جو ثواب ملندو آهي * حُجره مبارڪه ۽ منبر منور جي وچ واري جاءِ رِياضُ الجَنّت يعني جنّت جي باغن منجهان هڪ باغ (يعني جنت جو باغيچو) آهي * مسجد نبوي شريف ۾ هڪ نماز پڙهڻ پنجاھ هزار نمازن جي برابر آهي۔ (ابن ماجه ج 2 ص 176 حديث 1413) * مدينة المنوره جي سر زمين تي حضور اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مزارِ پُر انوار آهي جتي صبح ۽ شام ستر ستر هزار ملائڪ حاضر ٿيندا آهن

                            (عاشقانِ رسول ڪي130 حڪايات مع مڪے مدينے ڪي زيارتيں،ص۲۵۹تا۲۶۲ملتقطاً)

                            رہیں اُن کے جلوے بسیں اُن کے جلوے

مِرا دل بنے یادگارِ مدینہ

(ذوق نعت،ص۱۳۱)

بَيان جو خُلاصو

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!! اسان ٻڌو ته:

v      مڪي مديني کي الله عَزَّ وَجَلَّ گھڻين ئي خصوصيتن سان آراسته ڪيو آهي۔

v      مڪو ۽ مدينو اهي مقدس ترين شهر آهن جو جن جو ذڪرِ خير رَبّ تعاليٰ قرآن ِڪريم ۾ فرمايو ۽ هڪ مقام تي شهر مڪه جو قسم به ارشاد فرمايو۔

v      مديني ۾ مرڻ واري خوش نصيبن جي لاءِ حديثِ پاڪ ۾ شفاعت جي خوشخبري بيان فرمائي وئي آهي۔

v      جڏهن سفر تان واپسي تي مديني شريف ۾ مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آمد ٿيندي هئي ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم محبتِ مدينه جي سبب پنهنجي سواري جي رفتار تيز ڪري ڇڏيندا هئا۔