Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

ڪندي مون کي مدني قافلي ۾ سَفَر ڪرڻ جي ترغيب ڏياري۔ان جي ترغيب سبب مان 3 ڏينهن جي مدني قافلي جو مسافِر بڻجي ويس. مدني قافلي جي برڪت سان آئون گناهن ڀري زندگي کان توبه ڪري نمازن جي پابندي ڪرڻ وارو، صداء مدينه لڳائڻ وارو ۽ ٻين کي مدني قافلن جو مسافِر بنائڻ وارو بڻجي ويس ۔

اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ منهنجي اِنفرادي ڪوشش سان هينئر تائين 30 اسلامي ڀائر مدني قافلن جا مسافِر بڻجي چڪا آهن۔ هي لکڻ وقت مان هڪ مسجد ۾ مؤذِّن آهيان ۽ خُوب مدني ڪمن جون ڌومون مچائي رهيو آهيان۔

بخت کُھل جائیں گے ، قافِلے میں چلو

 

جُرم دُھل جائیں گے، قافِلے میں چلو

 (غیبت کی تباہ کاریاں،ص۳۲۱)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                         صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مديني شريف جي عظمتن ۽ برڪتن کي بيان ڪندي هڪ ڀيري نبي ڪريم ،رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو؛ مون کي هڪ اهڙي بستيءَ ڏانهن هجرت جو حڪم ٿيو جيڪا سڀني وسندين کي کائي ويندي۔ (يعني سڀني تي غالب ٿي ويندي) ماڻهو ان کي ”يثرب“ چوندا آهن حالانڪه اها مدينو آهي، (اها وسندي) ماڻهن کي ائين پاڪ ۽ صاف ڪندي جيئن بٺي لوھ جي ميراڻ کي۔ (مشڪا ۃ المصابيح،ڪتاب المناسڪ،باب حرم المدينۃ…الخ ،۲/۵۰۹، حديث: ۲۷۳۷)

   مُفَسِّرِ شَهير، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن حديث سڳوري جي شرح ڪندي فرمائن ٿا: کائي ويندي جي معني اها آهي ته هتي جا ماڻهو سڀني ملڪن کي فتح ڪندا ۽ انهن جو مال ۽ خزانا مديني ۾ پهچي ويندا۔ پوءِ ائين ئي ٿيو جو شام، فارس ۽ رُوم جا خزانا مديني پهتاڌيڪ فرمائن ٿا ته) مدينه منوره جا نالا سو(100) کان به وڌيڪ آهن، طيبه،طابه، بطحٰي، مدينه، اَبْطَح وغيره، هجرت کان پهريان ماڻهو هن کي يثرِب چوندا هئا، ان