Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

حُسین ابنِ علی کا صدقہ،

 

ہمارے غوثِ جلی کا صدقہ

عطا مدینے میں ہو شہادت،

 

نبیِّ رَحمت شفیعِ اُمّت

ہر اِک نبی ہر ولی کا صدقہ،

 

تجھے تِری ہر گلی کا صدقہ

دے طیبہ میں مرنے کی سعادت،

 

نبیِّ رَحمت شفیعِ اُمّت

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۲۰۷)

                مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مديني شريف جي عظمت ۽ حرمت جي ڇا ئي ڳالھ آهي جو هن مبارڪ شهر ۾ نه ته دجال داخل ٿي سگھي ٿو ۽ نه هي طاعون جهڙو مُهلڪ مرض، ڇوته مديني شريف جي رستن تي الله عَزَّوَجَلَّ جي طرفان ان جا معصوم ملائڪ مقرَّر آهن جيڪي هر گز هرگز شهرِ مدينه جي اندر طاعون ۽ دَجال کي داخل نه ٿيڻ ڏيندا جيئن ته نبي اڪرم،نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: مديني جي راهن تي ملائڪ (پهريدار) آهن، ان ڪري هن ۾ طاعون ۽ دجّال داخل نه ٿيندا۔

                            (بخاري، ڪتاب فضائل المدينۃ،باب لا يدخل الدجال المدينۃ ،۱/۶۱۹،حديث:۱۸۸۰)

طاعون هڪ وبائي بيماري آهي جنهن ۾ بغل يا ران تي ڦوڙو نڪرندو آهن، ان جو زهر ايترو خطرناڪ هوندو آهي جو هن بيماري ۾ مبتلا شخص جي بچڻ جو امڪان نهايت ئي گھٽ هوندو آهي، عموماً ان بيماري ۾ اُلٽيون اچڻ، بيهوشي طاري ٿيڻ ۽ دل جي ڌڙڪن وڌي وڃڻ جو غلبو رهندو آهي، اهو مرض پهريان چوهن (يعني ڪوئن) ۾ ڦهلجندو آهي پوءِ انسانن ۾ منتقل ٿي ويندو آهي۔ (اردو لغت،۱۳/۵۳ملخصاً)

  مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مديني شريف جي عظمت و اهميت جو اندازو هن ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته جنهن پياري پياري آقا، مڪي مدني مُصْطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان اسان بي پناھ محبت ڪيون ٿا، خود اهي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مديني سان نهايت محبت ڪندا هئا، لهٰذا محبتِ رسول جو تقاضو اهو آهي ته