Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

سُرمو لڳائڻ جون سنتون ۽ آداب

اچو!شيخِ طريقت،اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ’’101 مَدَني گل‘‘مان سُرمو لڳائڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا۔ فرمان مُصْطَفٰيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمهے:  1”سڀني سرمن مان بهتر سرمو ”اِثمِد“ آهي جو اهو نظر کي روشن ڪري ۽ پلڪون وڌائي ٿو“۔ ([1]) 1 پٿر جو سرمو استعمال ڪرڻ ۾ حرج ناهي ۽ ڪارو سرمو يا ڪجل زينت جي قصد (يعني زينت جي ارادي) سان مرد کي لڳائڻ مڪروهه آهي ۽ زينت جو ارادو نه هجي ته ڪراهت ناهي۔([2])1سرمو سمهڻ مهل استعمال ڪرڻ سنّت آهي۔([3])1 سرمي استعمال ڪرڻ جي ٽن منقول طريقن جو خلاصو پيش خدمت آهي؛ (1) ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٽي ٽي سرائيون (2) ڪڏهن ساڄي اک ۾ ٽي ۽ کاٻي ۾ ٻه، (3) ته ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٻه ٻه ۽ وري آخر ۾ هڪ سرائي کي سرمي واري ڪري ان کي واري واري سان ٻنهي اکين ۾ لڳايو۔([4]) اهڙي طرح ڪرڻ سان انشآءَالله عَزَّوَجَلَّ ٽنهي طريقن تي عمل ٿيندو رهندو۔ تعظيم جا جيترا به ڪم هوندا هئا اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ساڄي پاسي کان شروع ڪندا هئا، تنهنڪري پهريان سرمو ساڄي اک ۾ پوءِ کاٻي اک ۾ پايو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                              صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب “بهار شريعت” حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں ۽ آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

 



[1]ابن ماجہ، ۴/۱۱۵،حدیث:۳۴۹۷

[2]فتاویٰہندیۃ، ۵/۳۵۹

[3]مرآۃالمناجیح ،۶/۱۸۰

[4]شُعَبُ الْاِیمان ، ۵/۲۱۸-۲۱۹