Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

رسول سان ايتري قدَر ڄاڻ سڃاڻ رکڻ وارا جو خُود ئي ڪلام ۾ فرمائن ٿا:

پاؤں میں جُوتا ارے! محبوب کا کُوچہ ہے یہ

 

ہوش کر تُو ہوش کر غافل! مدینہ آگیا

اَمِيرِ اَهلِسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه اُن پاڪ سَرزمين جي ادب جو ايتري قدَر خيال رکندا هئا جو ۱۴۰۶ھ جي سفرِ حج ۾ اوهان جي طبيعت ناساز هئي۔ سَخت نزلو ٿي ويو، نڪ مان شِدّت سان پاڻي وهي رهيو هو۔ ان جي باوُجود پاڻ ڪڏهن به مديني پاڪ جي سَرزمين تي نڪ نه سنگھيو بلڪ اوهان جي هر اَدا سان ادب ظاهر ٿيندو هو۔ جيستائين مَدِينَهٔ مُنَوَّرَه ۾ رهيا حتّي الاِمڪان گُنبدِ خضرا کي پٺ نه ٿيڻ ڏنائون۔ (تعارف امير اهلسنت،ص۳۲تا۳۴ملتقطاً) الغرض ان مبارڪ سفر ۾ ڄڻ پاڻ هنن شعرن جي عَمَلي تصوير بڻيا رهيا:

مدینے کا سَفَر ہے اور میں نَمدیدہ نَمدیدہ

 

جَبِیں اَفسُردہ اَفسُردہ بدن لَرزیدہ لَرزیدہ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                            صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مجلس حج ۽ عمرھ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ اسان گھڻا خوش نصيب آهيون جو الله عَزَّ وَجَلَّ اسان کي دعوتِ اِسْلامي جو مدَني ماحول عطا فرمايو، اللهعَزَّ وَجَلَّ جي فَضَل ۽ ڪرم سان دعوتِ اِسلامي تبليغِ دين جي 100 کان وڌيڪ شُعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ ۾ مصروف آهي، اِنهن شُعبَن مان هڪ شُعبو ’’مجلسِ حج ۽ عُمره‘‘به آهي جيڪوحج ۽ عُمري جي لاءِ وڃڻ وارن اِسلامي ڀائرن ۽ اِسلامي ڀينرن جي باقاعده تَربِيت ڪرڻ، اُنهن کي بارگاه خُداوَندي ۽ بارگاه مُصْطَفَوِي جا آداب ۽ ضروري مسئلا سکائڻ جي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي۔ هن مجلس ۾ شامل تَربِيت يافته مبلغ اِسلامي ڀائر هر سال حج جي مَوسمِ بهار ۾ حاجي ڪيمپن ۾ وڃي حاجين جي تَربِيَت ڪندا آهن جڏهن ته مُبَلّغات اِسلامي