Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

ڪٿي جو ارادو آهي ته اهو نه فرمائيندا ها ته بَيتُ الله جي حج جي لاءِ وڃي رهيو آهيان بلڪ فرمائيندا هئا طَيبَه جي حاضري جو ارادو آهي، مراد هي آهي ته حج سان منهنجو مقصودِ اصلي درِ رسول جي حاضري آهي جو اهو ئي ته اهو در آهي جو جنهن جي طفيل الله عَزَّ وَجَلَّ مون کي هڪ نه بلڪ ٻه ڀيرا پنهنجي مُقَدَّس گھر جي زيارت جي شرف سان نوازيو آهي ۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                          صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

علامه ڪاظمي صاحب ۽ مديني جو ڪنڊو

غزاليء زمان حضرت علامه سيّد احمد سعيد ڪاظمي عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی فرمائن ٿا؛ مدينه منوره زَادَھَا اللهُ شَرَفًا وَّ تَعۡظِیۡمًا جي پهرين حاضري جي موقعي تي پير ۾ هڪ ڪنڊو لڳو جنهن جي ڪري سخت تڪليف پئي ٿئي، ڪڍڻ لڳس ته اعليٰ حضرت، امام اهلسنّت، مجدد دين و ملت شاھ امام احمد رضا خان عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـرَّحْمٰن جي مديني جي ڪنڊن سان محبت ياد اچي وئي ته مان اتي ئي بيهي رهيس ۽ پير مان ڪنڊو نه ڪڍيو پوءِ ڪجھ ڏينهن کانپوءِ سور ازخود ختم ٿي ويو۔

(انوارِقطبِ مدينه، ص۵۳بتغير قليل)

تاجدارِ اهلسنّت، شهزاده اعليٰ حضرت علامه مولانا مصطفيٰ رضا خان نوري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي نعتيه ديوان”سامانِ بخشش “۾ مدينه منوره جي ڪنڊن سان عقيدت جو اظهار ڪندي فرمائن ٿا:

نظر میں کیسے سمائیں گے پھول جنت کے

 

کہ بس چکے ہیں مدینے کے خار آنکھوں میں

(سامانِ بخشش،ص۱۳۱)

امير اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو سفرِ مدينه

شيخِ طريقت، اَمِيرِ اَهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه کي ڪيئي ڀيرا سَفَرِ حج ۽ سَفَرِ مدينه جي سعادت حاصِل ٿي ،جن ۾ مجموعي طور تي جيڪا