Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هينئر اسان مڪي شريف جون برڪتون ۽ بزرگن جون هن شهر سان محبتن تي مشتمل واقعا ۽ ٻيا ڪيئي مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي۔ اچو هاڻي اسان عاشقانِ رسول جي دلين جي ڌڙڪن، غم وارن، بي سهارن ۽ ڏکويلن جي اميدن جو مرڪز يعني مديني شريف جون به ڪجھ ڳالهيون ڪيون ٿا، برادرِ اعليٰ حضرت،شهنشاه سُخَن، اُستادِ زَمن حضرت علامه مولانا حسن رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي نعتيه ديوان”ذوقِ نعت“۾ فرمائن ٿا:

حسن حج کرلیا کعبہ سے آنکھوں نے ضیا پائی

 

چلو دیکھیں وہ بستی جس کا رستہ دل کے اندر ہے

(ذوقِ نعت، ص۱۶۰)

ها ها اهو ئي مدينو جنهن جو ذِڪر عاشقانِ رسول جي سينن کي سُڪون ۽ اطمينان بخشيندو آهي،جنهن جي زيارت جي لاءِ آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا ديوانا بيحد مشتاق رهندا آهن، عاشق جڏهن شهرِ مدينه يا گنبدِ خضرا جي نور جي ورکا ڪندڙ منظرن کي تصويرن وغيره ۾ ڏسندا آهن يا ڪنهن جي زباني ان جو تذڪرو ٻڌندا آهن ته انهن جي حالت غير ٿي ويندي آهي، غمِ مدينه ۾ انهن جون اکيون اشڪبار ۽ دل اتي جي حاضري جي لاءِ بي قرار ٿي ويندي آهي، ڄڻ ان وقت ان جي دل جي فرياد ڪجھ هن طرح هوندي آهي:

مجھے مدینے کی دو اجازت،

 

نبیِّ رَحمت شفیعِ اُمّت

پِلاؤ بُلوا کے جامِ الفت،

 

نبیِّ رَحمت شفیعِ اُمّت

اگر نہیں میری ایسی قسمت،

 

سدا حُضُوری کی پاؤں لذَّت

رُلائے مجھ کو تمہاری فُرقت،

 

نبیِّ رَحمت شفیعِ اُمّت

عطا ہو مجھ کو غمِ مدینہ،

 

تَپاں جگر چاک چاک سینہ

بڑھے محبت کی خوب شِدّت،

 

نبیِّ رَحمت شفیعِ اُمّت