Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

ڪيون آهن. تنهنڪري اڄ ئي هن ڪتاب کي مڪتبة المدينه جي بستي تان ھديةً طلب فرمائي پاڻ به پڙھو ۽ وڌيڪ تعداد ۾ حاصل فرمائي ثواب جي نِيت سان مُفت تقسيم به ڪيو۔ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن ڪتاب کي رِيڊ(يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ(Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                         صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ! ذُوالْحِجَّۃِ الْحَرَام پنهنجون برڪتون لٽائي رهيو آهي، هي اهي مُبارَڪ ڏينهن آهن جن ۾ لکين خُوش قسمت عازِمينِ حج، حج جي سعادَت ماڻي شهرِ مُصْطَفٰي جي زِيارَت سان لُطْف اَندوز ٿيندا آهن، يقيناً ذِڪرِ مدينه عاشِقانِ رسول جي دل و جان جي تسڪين جو سبب آهي، عُشّاقِ مدينه هن جي جُدائي ۾ تڙپندا ۽ زِيارَت جا بيحد مُشتاق رهندا آهن۔ دُنيا جي جيترين زبانن ۾ جيتري قدَر قصيدا مديني شريف جي جُدائي ۽ اِن جي ديدار جي تمنّا ۾ پڙھيا ويا آهن ايترا دنيا جي ڪنهن ٻي شهر جي لاءِ ناهن پڙهيا ويا، جنهن کي هڪ ڀيرو به مديني جو دِيدار ٿي ويندو آهي، اهو پنهنجو پاڻ کي خُوش قسمت سمجھندو ۽ مديني ۾ گذريل گھڙين کي هميشه جي لاءِ ياد گار قَرار ڏيندو آهي۔

اچو! هاڻي اسان عاشقانِ مدينه جي عشق ۽ مستي سان ڀرپور واقعا ٻڌي پنهنجي دلين ۾ محبتِ مدينه کي وڌائڻ ۽ ذڪرِ مدينه سان برڪتون ماڻڻ جي سعادت حاصل ڪيون:

امامِ مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ تعظيمِ خاڪ مدينه

حضرت سيدنا امام شافعي عَلَيْهِ رَحمَةُ اللهِ الکافي فرمائن ٿا؛ مون حضرت سيدنا امام مالڪ عَلَيْهِ رَحمَةُ اللهِ الخالق جي دروازي تي خراسان يا مصر جا گهوڙا ٻڌل ڏٺا ايترا اعليٰ قسم جا گهوڙا مون ڪڏهن به نه ڏٺا هئا۔ مون عرض ڪيو؛ اهي گهوڙا ڪيڏا