Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

هو جو هر سفر تان واپسي ۾ ائين ته معمولي رفتار سان جانور هلائنيدا هئا پر مديني پاڪ کي ڏسندي ئي اتي جلد پهچڻ جي لاءِ سواري تيز ڪندا هئا، انهيء محبت جو اثر آهي جو مسلمان مديني تي دل و جان سان فِدا آهن ڇوته اهو محبوب جو محبوب آهي. (مرآۃ المناجيح،۴/۲۱۹)

مدینہ اس لیے عطاؔر جان و دِل سے ہے پیارا

کہ رہتے ہیں مِرے آقا مِرے سرور مدینے میں    (وسائلِ بخشش مُرمّم،ص283)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني قافلو“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مڪي مديني جي برڪتن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ تبليغِ قرآن و سنّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن مان ماهوار هڪ مدني ڪم ’’مدني قافله‘‘ به آهي۔ عموماً دعوتِ اسلامي جا مدني قافلا مسجدن ۾ ترسندا آهن ۽ مسجد ۾ عبادت جي نيت سان ترسڻ وارن جي ته ڇا ئي ڳالھ آهي جو حديثِ پاڪ ۾ان خوش نصيب جي باري ۾ ٽي(3) ڳالھيون ارشاد فرمايون ويون(1)ان مان فائدو حاصل ڪيو ويندو آهي (2) يا اهو حڪمت ڀريو ڪلام ڪندو آهي (3) يا رحمت جو منتظر هوندو آهي۔ (الترغيب والترهيب،ڪتاب الصلوۃ،باب الترغيب في لزوم المساجد…الخ،۱/۱۶۹،رقم:۵۰۳ ماخوذاً) اچو! ترغيب طور مدني قافلي جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا.

شرابي سُڌري ويو

هند جي اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابستگي کان پهريان شراب نوشي، عَياشي ۽ شورشرابو ڪرڻ، گاريون ڏيڻ، والدين ۽ پاڙي وارن کي تنگ ڪرڻ، جُوا کيڏڻ منهنجو معمول هو۔ هڪ ڏينهن دعوتِ اسلامي جي هڪ ذِمَّيدار اسلامي ڀاءُ اِنفرادي ڪوشش