Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جي بزرگان ِدين رَحْمَۃُاللّٰهتَعَالٰي عَلَيهمْ اَجْمَعِين جي زندگي اسان جي لاءِ پيروي ڪرڻ لائق آهي، اهي حضرات مڪي مديني جي سرزمين سان سچي عقيدت ۽ محبت ڪندا هئا، انهن جي محبت جو اندازو هن ڳالھ مان لڳايو جو ڪجھ بزرگن جو هي معمول هو جو اهي ڪنهن ٻي ملڪ يا شهر جا رهائشي هئڻ جي باوجود به مڪه مڪرَّمه جو فيض ۽ برڪتون حاصل ڪرڻ جي غرض سان زندگي جو وڏو حصو ان مقدس شهر جي خوشبودار ۽ خوش گوار فضائن ۾ ساھ کڻي گذاريندا هئا ۽ هر سال استقامت سان بَيتُ الله شريف جي حج جي سعادت سان به فيضياب ٿيندا هئا۔ جيئن

مون کي حَرَم شريف وٺي هلو

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 568 صفحن تي مشتمل ڪتاب”ملفوظاتِ اعليٰ حضرت“جي صفحي 198 تي آهي ته (قطبِ مڪه مڪرّمه ) حضرت مولانا عبدالحق اِلٰه آبادي عَلَيْهِ رَحمَةُ اللهِ الهادي هندستان جا رهاڪو ۽ جليل القدر عالمِ دين هئا۔ چاليهه سالن کان وڌيڪ مڪي شريف ۾ قيام ڪيو، پابندي سان هر سال حج ڪندا هئا۔ هڪ سال حج جي زماني ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تمام گهڻو بيمار ٿي پيا، ذوالحِجّةِ الحرام جي نائين (9) تاريخ پنهنجي شاگردن کي چيائون؛ ”مون کي حرم شريف ڏانهن وٺي هلو۔“ ڪجهه  ماڻهن کڻي ڪري ڪعبي شريف جي سامهون ويهاريو، زم زم گهرائي پيتائون ۽ دعا گھريائون؛ ”يا الٰهي عَزَّوَجَلَّ! حج کان محروم نه رک“ انهيءَ وقت موليٰ تعاليٰ اهڙي طاقت عطا فرمائي جو اٿي ڪري پنهنجن پيرن سان عرفات شريف ويا ۽ حج ادا ڪيائون۔ (ملفوظاتِ اعليٰ حضرت،ص۱۹۸ملخصاً)

دِکھا ہر برس تُو حرم کی بہاریں

 

تُو مکّہ مدینہ دکھا یاالٰہی

شَرَف ہر برس حج کا پاؤں خدایا

 

چلے طَیبہ پھر قافِلہ یاالٰہی

(وسائل بخشش مُرَمّم،ص۱۰۰)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                            صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد