Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

۾ تورڻ جي بدران ان جي سچي عقيدت ۽ مَحَبَّت پنهنجي دل ۾ پيدا ڪيون، ان جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان هميشه وابسته رهو، مدني چينل جا پيارا پيارا سلسلا ڏسو ۽ هر جمعرات جو پنهنجي علاقي ۾ ٿيڻ واري هفتيوار سُنَّتن ڀري اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت جي عادت بڻايو، اِنْ شَآءَاللهعَزَّ وَجَلَّ هن جي برڪت سان اسان جي عقيدن جي حفاظت ٿيندي رهندي۔ هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت ته اسان جو مدني انعام ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم به آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ هن اجتماعِ پاڪ ۾ جتي تلاوتِ قرآنِ ڪريم، ذِڪر و دُرُود ۽ دُعا ۾ شرڪت جي سعادت نصيب ٿيندي آهي ، اتي عِلمِ دِين جي لاءِ سفر ڪرڻ، علمِ دِين سکڻ ۽ هن کي ٻين تائين پهچائڻ جي فضيلت به حاصل ٿيندي آهي۔اچو عِلمِ دِين جي فضيلت تي مشتمل 3 فرمان ِ مُصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا؛

1.        مَنْ سَلَکَ طَرِيقًا يلْتَمِسُ فِيهِ عِلْمًا سَهَّلَ اللهُ لَهُ بِهٖ طَرِيقًا اِلَي الْجَنَّةِ  جيڪو اهڙي راھ تي هلي جنهن ۾ علم کي تلاش ڪري، ان جي سبب اللہ عَزَّوَجَلَّ  ان جي لاءِ جنت جي راھ آسان ڪندو آهي۔([1])

2.       فرمايو؛ مَنْ طَلَبَ الْعِلْمَ تَـکفَّلَ اللهُ بِرِزْقِهٖ جيڪو شخص علم جي طلب ۾ رهندو آهي ،الله عَزَّ وَجَلَّ ان جي رِزق جو ضامن آهي۔([2])

3.        اِرشاد فرمايو: جيڪو الله عَزَّ وَجَلَّ جي فَرض جي باري ۾ هڪ يا ٻه يا ٽي يا چار يا پنج ڪلمات سکي ۽ ان کي چڱي طرح ياد ڪري وٺي ۽ پوءِ

 



[1]مسلم، کتاب الذکر و الدعاء…الخ ، باب فضل الاجتماع…الخ،ص ۱۴۴۸، حدیث: ۲۶۹۹

[2]تاریخ بغداد، محمد بن القاسم بن ھشام، ۳/۳۹۸