Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

هجي يا وڌيڪ، جيڪڏهن حلال مال مان اِخلاص سان ڏنو وڃي ته يقيناً ثواب جي لحاظ کان نهايت ئي بهترين آهي جيئن ته اعليٰ حضرت اِمام احمد رضا خان رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جا والدِ گرامي حضرت مولانا مُفتي نَقي علي خان رَحمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ارشاد فرمائن ٿا: صَدَقو ڏيڻ ۾ ٿوري شيء کي به حقير نه سمجھو، جيتوڻيڪ وڌيڪ جي استطاعت به هجي، هٿ پهچندو آهي (يعني انسان صَدَقو ڏيڻ جو اِرادو ڪندو آهي) پر شيطان روڪيندو آهي، نفس رڪاوٽ وجھندو آهي، هڪ شيطان ڇا ستّر (70) شيطان صَدَقي کان پري رکندا آهن۔

حديث شريف ۾ ارشاد آهي: انسان پنهنجو صَدَقو ستّر (70) شيطانن جي ڄاڙي چيري ڪري ڪڍندو آهي۔([1]) ته اهڙي حالت ۾ ٿورو ئي ڏي ۽ ان کي حقير سمجھي بالڪل لَا تَعَلُّق نه ٿئي، ڇو ته ٿوري شيء کان به محتاج جي ضرورت ڪنهن حد تائين پوري ٿيندي ۽ بُخل جي جَڙ دل تي ڄمڻ ۾ ڪجھ ته گهٽتائي ايندي۔([2])

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقيناً هيءَ دُنيا فاني آهي ۽ ان سان دل لڳائڻ تمام وڏي ناداني آهي، ڇو ته اسان مان هر ڪنهن کي هڪ نه هڪ ڏينهن مَوت اچڻو آهي، تنهنڪري عقلمندي جو تقاضو هي آهي ته انسان الله عَزَّوَجَلَّ ۽ اُن جي مدني حبيب صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ٻڌايل ڪمن ۾ لڳي وڃي، عبادتِ الٰهي جي ڪثرت ڪري، سنّتن ڀري زندگي گُذاري، ضرورت مطابق حلال روزي ڪمائي، مال سان هرگز دل نه لڳائي، حرام مال حرام ڪمائڻ کان بالڪل بچي ۽ هميشه صرف ۽ صرف حلال ئي ڪمائي ۽ هن حلال مال کي به پنهنجي جائز حاجتن ۽ ضرورتن ۾ خرچ ڪندو رهي ۽ انهيءَ حلال مال مان راھِ خدا ۾



[1]…مجمع الزوائد، کتاب الزکاۃ، باب ارغام الشیطان بالصدقۃ، ۳/۲۸۲،حدیث: ۴۶۰۱

[2]…فضائلِ دُعا،ص۲۷۶بتغیرقلیل