Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

خُوب خُوب صَدَقو ۽ خَيرات ڪري غريبن، مسڪينن، حاجت مندن، پنهنجي قريبي رشتيدارن ۽ ديني شاگردن جو سهارو بڻجي، انهن جي ڏُک درد کي پنهنجو ڏُک دَرد سمجھي ۽ اُنهن جون دعائون وٺڻ جي ڪوشش ڪري۔ پر افسوس! اڄڪلھ صَدَقي ۽ خَيرات جي ذريعي غريبن جي مَدَد ڪرڻ ۽ نيڪي جي ڪمن ۾ مال خرچ ڪرڻ جي بدران فضول ۽ غير ضروري ڪمن جي لاءِ ته پنهنجي خزاني جا مُنهن ته  کوليا ويندا آهن، پر هن ڳالھ جي طرف ڪو ڌيان نه ڏنو ويندو آهي ته اسان جي چوڌاري مُعاشري جا ڌڪاريل ڪيئي اهڙا ماڻهو به موجود آهن، جنهن وٽ نه ته مٿو ڍڪڻ جي لاءِ مُناسب جڳھ آهي، نه تَن تي پائڻ جي لاءِ سٺو لباس آهي ۽ نه ئي پيٽ جي باھ وسائڻ جي لاءِ ضرورت مطابق ماني. تنهنڪري اسان کي گھرجي ته پنهنجي جائز خُوشين سان گڏوگڏ وس آهر اهڙن سفيد پوش ماڻهن جي ضرورتن جو به خيال رکون ۽ انهن سان همدردي ڀريو سُلوڪ ڪيون۔

نُور جا پيڪر، سڀني نبين جا سرور صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا: هڪ گرھ ماني، هڪ مُٺ کجور يا ان کان علاوه ڪا ٻي شيء جنهن سان مسڪين کي فائده پهچي۔ ان جي ڪري الله عَزَّوَجَلَّ ٽن (3) ماڻهن کي جنّت ۾ داخل فرمائيندو آهي۔ (1) صاحبِ خانه جنهن حڪم ڏنو (2) گھرواري جيڪا ان کي تيار ڪندي آهي (3) خادم جيڪو مسڪين کي ڏئي ايندو آهي۔ پوءِ رحمتِ ڪونين، ناناءِ حسنين صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: حمد آهي الله عَزَّوَجَلَّ جي لاءِ، جنهن اسان جي خادمن کي به نه ڇڏيو (يعني انهن کي به خير جي ڪم ۾ پنهنجي قُدرت جي مُطابق حصّو ملائڻ ۽ صَدَقو غريب تائين پهچائڻ جي ڪري جنّت ۾ داخل فرمائي ڇڏيندو آهي)۔ ([1])

 



[1]…معجم اوسط،من اسمہ محمد،باب المیم،۴/ ۸۹،حدیث: ۵۳۰۹