Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain

کاڌو، پليٽن ۽ ديڳين ۾ بچيل شوربو، پليٽ ۾ بچي وڃڻ وارو ٻوڙ ۽ ماني جا بچي وڃڻ وارا ڪنارا ۽ ٽڪرا ٻيهر استعمال ڪرڻ کي اڪثر ماڻهن جو ذهن ناهي هوندو، اهڙي طرح تمام گھڻو بچيل کاڌو عمومًا گند ڪچري جي ڍير جي حوالي ڪيو ويندو آهي. حالانڪه هي اسراف آهي، تنهن ڪري اڄ تائين جيترو به اسراف ڪيو آهي ان کان توبهه ڪريو ۽ آئنده کاڌي جي هڪ داڻي شوربي جي هڪ قطري جو به اسراف نه ٿئي ان جو ذهن بڻايو! ياد رهي! اهڙو اسراف جنهن ۾ مال جو ضايع ٿيڻ پاتو وڃي، هي حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي.

اهڙي طرح گلاس ۾ بچيل مسلمان جي صاف سٿري پاڻي جي اوبر کي قابلِ استعمال ٿيڻ جي باوجود خوامخواه اڇلائڻ نه گهرجي منقول آهي؛
سُوۡرُ الۡمُؤمِنِ شِفَاءٌ يعني مسلمان جي اوبر ۾ شفا آهي. (الفتاوي الفقهية الڪبرٰي لا بن حجر الهيتمي، ج 4، ص 117) پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي اوبر استعمال ڪرڻ ۾ جتي شفا ملڻ جي اميد آهي اتي پاڻ ۾ اخوت ۽ ڀائيڇارو پيدا ٿيڻ، باهمي محبت جي وڌڻ، تڪبر جهڙي بيماري کان بچڻ، عاجزي ۽ انڪساري پيدا ٿيڻ سان گڏوگڏ گناهن کان معافي ملڻ جي خوشخبري آهي، جيئن ته سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمانِ باقرينه آهي؛ ”عاجزي جي هڪ علامت هي به آهي ته ماڻهو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جو اوبر يعني بچيل پاڻي پي وٺي ۽ جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي اوبر پيئندو آهي ان جا 70 درجات بلند ڪيا ويندا آهن، 70 گناهه مٽجي ويندا آهن ۽ ان جي لاءِ 70 نيڪيون لکيون وينديون آهن. (ڪنزالعمال، ج 3، ص. 51، حديث 5745)

مرحبا! مسلمان ڀاءُ جي اوبر يعني بچيل پاڻي پيئڻ، عاجزي جي علامت