Book Name:Shan e Sahaba

اِنعاماتِ اُخرَوي (آخرت جي انعامن) جي خُوشخبري ڏني وئي۔ غور ڪريو ته جن جي اَوصافِ حميدہ (اعلٰي خوبين) جي خُود اللہ عَزَّوَجَلَّ تَعريف فرمائي، اُنهن جي عظمت ۽ رِفعَت (بُلندي) جو اَندازو ڪير لڳائي سگھي ٿو۔ اچو ته! اُن پاڪ ہستين جي باري ۾ قرآنِ پاڪ جون ڪجھ آيتون ٻڌون ٿا، ته جيئن اسان جي دِلين ۾ صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي عظمت ۽ عقيدت مزيد اجاگر ٿئي۔ جيئن ته سيپاري 9 سُوْرَۃُ الْاَنْفَال جي آيت نمبر 4 ۾ اِرشادِ باري تَعالٰي آهي:

اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ حَقًّا ؕ لَہُمۡ دَرَجٰتٌ عِنۡدَ رَبِّہِمۡ وَ مَغۡفِرَۃٌ وَّ رِزۡقٌ کَرِیۡمٌ ۚ﴿۴﴾ (پ۹،الانفال:۴)

تَرجَموڪنزالايمان: اِهي ئي سچا مسلمان آهن انهن جي واسطي درجا آهن انهن جي رب وٽ ۽ بخشش آهي ۽ عزت جي روزي.

سيپاري 11سُوْرَۃُ التَّوْبَۃ آيت نمبر 100 ۾ اِرشاد ٿئي ٿو:

رَّضِیَ اللہُ عَنۡہُمۡ وَ رَضُوۡا عَنۡہُ وَ اَعَدَّ لَہُمۡ جَنّٰتٍ تَجۡرِیۡ تَحۡتَہَا الۡاَنۡہٰرُ خٰلِدِیۡنَ فِیۡہَاۤ اَبَدًا ؕ ذٰلِکَ الۡفَوۡزُ الۡعَظِیۡمُ ﴿۱۰۰﴾

(پ۱۱،التوبۃ: ۱۰۰)

تَرجَموڪنزالايمان: الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي الله کان راضي ٿيا ۽ انهن جي واسطي تيار ڪري رکيائين باغ جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون هميشه هميشه انهن ۾ رهندا، اها ئي وڏي ڪاميابي آهي.

سيپاري 26 سُوْرَۃُ الْفَتْح جي آيت نمبر29 ۾ ارشاد ٿئي ٿو: