Share this link via
Personality Websites!
345485
2569
اِنعاماتِ اُخرَوي (آخرت جي انعامن) جي خُوشخبري ڏني وئي۔ غور ڪريو ته جن جي اَوصافِ حميدہ (اعلٰي خوبين) جي خُود اللہ عَزَّوَجَلَّ تَعريف فرمائي، اُنهن جي عظمت ۽ رِفعَت (بُلندي) جو اَندازو ڪير لڳائي سگھي ٿو۔ اچو ته! اُن پاڪ ہستين جي باري ۾ قرآنِ پاڪ جون ڪجھ آيتون ٻڌون ٿا، ته جيئن اسان جي دِلين ۾ صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي عظمت ۽ عقيدت مزيد اجاگر ٿئي۔ جيئن ته سيپاري 9 سُوْرَۃُ الْاَنْفَال جي آيت نمبر 4 ۾ اِرشادِ باري تَعالٰي آهي:
|
اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ حَقًّا ؕ لَہُمۡ دَرَجٰتٌ عِنۡدَ رَبِّہِمۡ وَ مَغۡفِرَۃٌ وَّ رِزۡقٌ کَرِیۡمٌ ۚ﴿۴﴾ (پ۹،الانفال:۴) |
تَرجَموڪنزالايمان: اِهي ئي سچا مسلمان آهن انهن جي واسطي درجا آهن انهن جي رب وٽ ۽ بخشش آهي ۽ عزت جي روزي. |
سيپاري 11سُوْرَۃُ التَّوْبَۃ آيت نمبر 100 ۾ اِرشاد ٿئي ٿو:
|
رَّضِیَ اللہُ عَنۡہُمۡ وَ رَضُوۡا عَنۡہُ وَ اَعَدَّ لَہُمۡ جَنّٰتٍ تَجۡرِیۡ تَحۡتَہَا الۡاَنۡہٰرُ خٰلِدِیۡنَ فِیۡہَاۤ اَبَدًا ؕ ذٰلِکَ الۡفَوۡزُ الۡعَظِیۡمُ ﴿۱۰۰﴾ (پ۱۱،التوبۃ: ۱۰۰) |
تَرجَموڪنزالايمان: الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي الله کان راضي ٿيا ۽ انهن جي واسطي تيار ڪري رکيائين باغ جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون هميشه هميشه انهن ۾ رهندا، اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. |
سيپاري 26 سُوْرَۃُ الْفَتْح جي آيت نمبر29 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami