Book Name:Shan e Sahaba

مُحَمَّدٌ رَّسُوۡلُ اللہِ ؕ وَ الَّذِیۡنَ مَعَہٗۤ اَشِدَّآءُ عَلَی الۡکُفَّارِ رُحَمَآءُ بَیۡنَہُمۡ تَرٰىہُمۡ رُکَّعًا سُجَّدًا یَّبۡتَغُوۡنَ فَضۡلًا مِّنَ اللہِ وَ رِضۡوَانًا ۫ سِیۡمَاہُمۡ فِیۡ وُجُوۡہِہِمۡ مِّنۡ اَثَرِ السُّجُوۡدِ ؕ ذٰلِکَ مَثَلُہُمۡ فِی التَّوۡرٰىۃِ ۚۖۛ وَ مَثَلُہُمۡ فِی الۡاِنۡجِیۡلِ ۚ۟ۛ کَزَرۡعٍ اَخۡرَجَ شَطۡـَٔہٗ فَاٰزَرَہٗ فَاسۡتَغۡلَظَ فَاسۡتَوٰی عَلٰی سُوۡقِہٖ یُعۡجِبُ الزُّرَّاعَ لِیَغِیۡظَ بِہِمُ الۡکُفَّارَ ؕ وَعَدَ اللہُ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنۡہُمۡ مَّغۡفِرَۃً وَّ اَجۡرًا عَظِیۡمًا ﴿٪۲۹﴾

(پ۲۶،الفتح: ۲۹)

تَرجَموڪنزالايمان: محمد الله جو رسول آهي ۽ ان جا ساٿي ڪافرن تي سخت آهن ۽ پاڻ ۾ نرم دل تون انهن کي ڏسندين رڪوع ڪندي سجدي ۾ ڪِرندي الله جو فضل ۽ رضا ڳوليندي انهن جي نشاني انهن جي منهن ۾ آهي سجدي جي نشان کان اها انهن جي صفت توريت ۾ آهي ۽ انهن جي صفت انجيل ۾ جيئن هڪ پوک ان پنهنجو سَلو ڪڍيو پوءِ ان کي طاقت ڏنائين پوءِ سخت ٿي پوءِ پنهنجي ڪاني تي سڌي بيهي رهي هارين کي چڱي لڳي ٿي جيئن انهن سان ڪافرن جي دل ساڙي، الله واعدو ڪيو انهن سان جن انهن مان ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون بخشس ۽ وڏي ثواب جو.

سيپاري 2 سُوْرَ ۃُالْبَقَرَۃ آيت نمبر 218 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

اُولٰٓئِکَ یَرۡجُوۡنَ رَحۡمَتَ اللہِ ؕ وَ اللہُ غَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۲۱۸﴾ (پ۲،البقرۃ:۲۱۸)

تَرجَموڪنزالايمان: اهي ئي الله جي رحمت جا اميدوار آهن ۽ الله بخشڻهار ٻاجھارو آهي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد