Book Name:Shan e Sahaba

سُبحٰن اللّٰه عَزَّوَجَلَّ! صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جو شان ۽ شوڪت به ڪيتري قدر اَرفَع ۽ اَعلٰي هو، بدن زخمن سان چُور چُور آهي، اُڃ جي شِدَّت به پنهنجي عُروج تي آهي، پر قُربان وڃو! اِن نيڪ هستين جي جَذبهء اِيثار تي، جو اِن حالت ۾ به ٻين صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي تڪليفن جو اِيتري قدر اِحساس هو جو پنهنجي اُڃ کي قُربان ڪري ڇڏيو۔ ٿورو غور ڪريو ته اهڙي حواس گُم ڪري ڇڏيندڙ عالَم ۾ جڏهن عقل به ڪم ڪرڻ ڇڏي ويندو آهي ۽ ہر شَخص کي صِرف پنهنجو ئي فڪر ہوندو آهي، پر ان مبارڪ هستين کي ”يا شيخ اپنی اپنی ديکھ“ جي بجاءِ ٻين جو فِڪر ستائي رہيو آهي ته جيڪڏهن آئون پي وٺندس ته منهنجو مُسلمان ڀاءُ اڃايل رہجي ويندو۔ بيشڪ هي اُنهن جي عُمده (بهترين) تعليم ۽ تَربِيت، بُلند درجي جي ہِمَّت ۽ اللہ عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ڪامل مَحَبَّت جو نتيجو هو، اُنهن جي اِنهن اَعلٰي صِفتن جي سبب صَديون گُذري وڃڻ جي باوُجود اڄ به رُشد ۽ ہدايت جي اِنهن روشن سِتارن جو ذِڪرِ خَير مسلمانن کي قَلبي سڪون پہچائيندو آهي ۽ اُنهن جي شان ۽ عظمت جي نَغمن جي گُونج ہر طرف ٻڌڻ ۾ ايندي آهي ۔اچو ته! هاڻي هي به ٻُڌندا هلون ته ’’صَحابي‘‘ ڪنهن کي چيو ويندو آهن، ان کان پہريان شانِ صحابه ۾ لکيل اشعار ٻڌو، جيڪي مڪتبة المدينه جي مطبوعه ڪتاب ”ڪراماتِ صحابه“ جي شروع ۾ دَرج آهن۔

دو عالَم نہ کیوں ہو نثارِ صحابہ

امیں ہیں یہ قرآن و دِینِ خدا کے

صحابہ ہیں تاجِ رِسالت کے لشکر

اِنہی میں ہیں صدیق و فاروق و عثماں

پسِ مرگ اے اعظمی یہ دُعا ہے

 

کہ ہے عرش منزل وقارِ صحابہ

مدارِ ہُدیٰ اعتبارِ صحابہ

رسولِ خدا تاجدارِ صحابہ

اِنہی میں ہیں علی شہوارِ صحابہ

بنوں میں غُبارِ مزارِ صحابہ