Jahannam Ke Azabat

Book Name:Jahannam Ke Azabat

منهنجا عزيز ۽ رشتيدار مون کي غسل ڏئي، ڪفن پارائي، نماز جنازو ادا ڪرڻ کان پوءِ سخت اونداهي قبر ۾ لاهي ڇڏيندا۔ اهڙو  سوڙهو گهر، اهڙي تنهائي، وحشت ۽ سخت اونداهي جنهن جو پهريان ڪڏهن تجربو نه ڪيو هوندو۔ اڃان موت جون تڪليفون گهٽ ئي نه ٿيون هونديون ته قبر جي وحشت...! ۽ اِها وحشت اڃان دور به نه ٿي هوندي ته منڪر نڪير تشريف کڻي ايندا۔ ها! ها! قبر ۾ امتحان ٿيندو۔ افسوس! صد افسوس! جيڪڏهن منهنجا گناهه اڳيان اچي ويا ۽ مان قبر جي امتحان ۾ ناڪام ٿي ويس ته منهنجو ڇا ٿيندو؟ هاءِ! قيامت جي ڏينهن جيڪڏهن گناهن تي پڪڙ ٿي وئي، ۽ خدانخواسته جيڪڏهن مون کي جهنم ۾ اڇلايو ويو ته منهنجو ڇا ٿيندو...؟ هاءِ! افسوس! اهي جهنم جون هولناڪ سزائون، اتان جا وڏا وڏا نانگَ، بُختي اُٺَن جهڙا وِڇُون، انتهائي تيز باهه جيڪا جسم کي اندر تائين ساڙي ڇڏيندي۔ هاءِ! جيڪڏهن مون کي معافي نه ملي، شفاعتِ مصطفيٰ کان به محروم ٿي ويس ۽ مون کي جهنم ۾ وِڌو ويو ته منهنجو ڇا ٿيندو...؟؟ 

دِل ہائے  گناہوں سے بیزار نہیں ہوتا       مَغْلوب شَہا!نفس بَدْکار نہیں ہوتا

اے ربّ کے حبیب آؤ!اے میرے طبیب آؤ           اچھا  یہ گناہوں  کا  بیمار نہیں ہوتا

گو لاکھ کروں کو شش اِصلاح نہیں ہو تی          پاکیزہ گناہوں سے کِردار نہیں ہوتا

یہ سانس کی مالا اب بس ٹوٹنے والی ہے    غفلت سے مگر اب بھی بیدار نہیں ہوتا[1]

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                                                               صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

 


 

 



[1]وسائلِ بخشش، صفحہ:163 ملتقطاً۔